| احتجاج ڪندڙن خلاف تڪڙا ڪيس هلائي سزائون ڏيڻ جو اعلان |
تهران (م د) ايران جي عدليه جي سربراهه غلام حسين محسني-ايزحي احتجاج ڪندڙن خلاف تڪڙا ٽرائل ڪري سزائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جن ۾ موت جي سزا به شامل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ڪجهه ڪرڻو آهي ته اهو هاڻي ڪرڻو پوندو. ٻن يا ٽن مهينن بعد ڪرڻ سان ڪو به اثر نه پوندو.