احتجاج ۾ دهشتگردي جو خطرو ظاهر، حڪومت جو آخري رابطو، احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار، 500 ڪارڪن گرفتار، کڏا کوٽي روڊ بند
نومبر 24, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) وفاقي حڪومت جي رابطي باوجود پي ٽي آءِ اڄ احتجاج ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، قافلن جي اسلام آباد ڏانهن روانگي، حڪومت به احتجاج روڪڻ جا انتظام ڪري ورتا، وفاقي وزيرن چيو آهي ته جيڪو به ايندو گرفتار ٿيندو، گهرو وزير جو پي ٽي آءِ چيئرمين سان به رابطو، نيڪٽا اڄ دهشتگردي جي خطري جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب پي ٽي آءِ پاران اڄ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ سڄي ملڪ مان قافلا اسلام آباد لاءِ روانا ٿي چڪا آهن، حڪومت هر صورت ۾ احتجاج روڪڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، اسلام آباد طرف ايندڙ 33 جي لڳ ڀڳ رستا ڪنٽينر رکي بند ڪيا ويا آھن، ريڊزون کي مڪمل سيل ڪري رڳو سخت چڪاس بعد مرگلا روڊ کي ريڊ زون ۾ اچ وڃ لاءِ جزوي طور کليل رکيو ويو آھي، پي ٽي آءِ جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي گهرو وزارت اسلام آباد سان گڏ ٻين صوبن مان به اضافي نفري گهرائي ورتي آھي، پوليس کي پٿرن ۽ لٺين کان بچائڻ لاءِ هيلمنٽ ۽ لائف جيڪٽ ڏنا ويا آھن. اسلام آباد جي سمورن ٿاڻن تي گرفتارين لاءِ اپاءَ مڪمل، قيدين جون وئنز به اسلام آباد پهچايون. اسلام آباد ۾ انٽرنيٽ به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، موبائل فون نيٽ ورڪ کليل رهندو، انٽرنيٽ ۽ واءِ فاءِ بند هوندي، وڏن شهرن ۾ به انٽرنيٽ بند هوندي، هوڏانهن سڄي ملڪ ۾ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 500 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته پي ٽي آءِ هر حال ۾ احتجاج لاءِ اسلام آباد پهچڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر سان فون تي رابطو ٿيو، محسن نقوي چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجو احتجاج روڪي، عدالتي حڪم جا پابند آهيون، اسلام آباد ۾ جلوس، ڌرڻي يا ريلي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي وفاقي گهرو وزير پي ٽي آءِ چيئرمين سان فون تي رابطو ڪيو، محسن نقوي چيو ته بيلاروس جو اعليٰ سطحي وفد اڄ ۽ صدر 25 نومبر تي پاڪستان ايندو، بيلاروس جو وفد 27 نومبر تائين اسلام آباد ۾ هوندو، بئرسٽر گوهر پارٽي سان مشاورت ۽ حتمي جواب لاءِ وقت گهري ورتو، ذريعن موجب محسن نقوي ۽ بئريسٽر گوهر ۾ ڳالهه ٻولهه دوران مشاورتي عمل لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ واري تجويز تي به غور ٿيو، بئرسٽر گوهر پارٽي سان مشاورت بعد حتمي نالن کان آگاهه ڪندو، اُن کان اڳ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو هو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙ ڪنهن به ماڻهو کي اسلام آباد کان واپس وڃڻ نه ڏنو وڃي. نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو ته احتجاج ملتوي نه ڪيو ويندو، خان صاحب باس آهي ان جي ڪال فائنل آهي، ڪال صرف عمران ئي واپس وٺي سگهي ٿو، حڪومت سان پي ٽي آءِ جون ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، صرف شروعاتي رابطو ٿيو هو، ڪنهن به عمران جي آزادي جي خاطري نه ڪرائي هئي. پي ٽي آءِ پاران پڌرائي ۾ چيو ويو آھي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس 22 ۽ 23 نومبر جي وچ واري رات ٿيو. جنهن ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته باني چيئرمين عمران خان جي هدايتن تي 24 نومبر تي اسان جي پرامن احتجاجي تحريڪ پاڪستان جي هر شهر کان شروع ٿيندي ۽ قافلا اسلام آباد طرف پنهنجو سفر شروع ڪندا. اجلاس ۾ ان عزم جو به اظهار ڪيو ويو ته تحريڪ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندي. ترجمان تحريڪ انصاف موجب پي ٽي آءِ جو مطالبو آهي ته سڄي پاڪستان ۾ بيگناهه قيد پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي، 26هين آئيني ترميم کي رد ڪيو وڃي، 8 فيبروري جي اليڪشن جو اصل مينڊيٽ بحال ڪيو وڃي. ٻئي طرف سڌسماءَ جي وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آھي ته جڏهن به ڪو مهمان اچي ٿو پي ٽي آءِ احتجاج ڪري ٿي، پي ٽي آءِ جو احتجاج غيرقانوني آھي ان ۾ جيڪو به ايندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي، هن چيو ته چيني صدر جي دوري جي موقعي تي احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا، بيلاروس پاڪستان جو بهترين دوست آهي، بيلاروس ۽ پاڪستان گڏيل طور تي پاڪستان ۾ ٽريڪٽر تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هڪ طرف انتظاميا بيلاروس جي مهمانن جي استقبال لاءِ تياريون ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته تحريڪ انصاف سان ڪنهن به سطح تي ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن. بئرسٽر گوهر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کان آگاهه ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي بئرسٽر گوهر سان رابطو ڪيو ويو، هاڻ جيڪڏهن ڪو احتجاج ڪندو ته گرفتاريون ڪيون وينديون. شهرين جي جان ۽ مال جو نقصان ٿيڻ نه ڏنو ويندو، هاڻي جيڪو ايندو ان کي گرفتار ڪيو ويندو. جيڪي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندا آهن انهن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، احتجاج غير قانوني آهي، جيڪو به ايندو، سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن امڪاني دهشتگردي کي نظر ۾ رکندي نيڪٽا ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ نيڪٽا چيو آهي ته اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردي جو خطرو آهي. فتنه الخوارج جا ميمبر پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ حملن جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن، فتنا خوارج جي عنصرن پاران پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ دهشتگردي جي رٿابندي جو انڪشاف ٿيو آهي. مختلف ذريعن کان فتنه الخوارج جي دهشتگردي جي رٿابندي جي تصديق ٿي آهي. فتنه الخوارج سان لاڳاپيل ڪيترائي دهشتگرد پاڪ افغان سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿي ويا آهن، 19 ۽ 20 نومبر جي وچ ۾ دهشتگردن جي پاڪ افغان سرحد پار ڪرڻ جا اطلاع آهن. نيڪٽا پاران فتني دهشگردي جي خطري کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پي ٽي آءِ پاران اسٽبلشمينٽ سان ڳالهين جو انڪشاف، حڪومت هلي ويندي: ترجمان
ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ پاران اسٽبلشمينٽ سان ڳالهين جي تصديق ڪئي وئي آهي، پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن انڪشاف ڪيو آهي ته اسان جون اسٽبلشمينٽ سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڳالهين ۾ وقفو آيو آهي، اميد آهي ته معاملا جلد حل طرف ويندا، حڪومت نٿي چاهي ته اسان جون اسٽبلشمينٽ سان ڳالهيون ٿين، هنن کي خبر آهي ته ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون ته حڪومت نه رهندي، حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون، ڳالهيون انهن سان ٿينديون جن وٽ ڪجهه ڏيڻ لاءِ آهي، اسٽبلشمينٽ سان ڳالهيون اڻٽر آهن.
پهريون ۽ آخري مطالبو باني جي آزادي آهي، هر حد تائين وڃبو، اسلام آباد ۾ ويهي رهنداسين: گنڊاپور
پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اڄ هر صورت ۾ ڊي چوڪ پهچنداسين، اسان جو پهريون ۽ آخري مطالبو پي ٽي آءِ باني جي آزادي تائين اسلام آباد ۾ ئي رهنداسين، اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني جو حڪم مليو آهي، هر صورت ۾ عمل ڪنداسين، سڀاڻي هر صورت ۾ ڊي چوڪ پهچنداسين، پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين اڳواڻن جي آزادي تائين اسلام آباد ۾ ئي رهنداسين، وفاقي ۽ پنجاب حڪومت بوکلاهٽ ۾ موٽرويز ۽ اهم روڊ بند ڪري ڇڏيا آهن، اسان جو احتجاج پر امن آهي، حڪومت سان ڳالهيون پي ٽي آءِ باني جي آزادي کانپوءِ ٿينديون.
اسلام آباد پوليس پاران عمران کان جيل ۾ جاچ شروع
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيو ٽائون ٿاڻي جي پوليس اڊيالا جيل پهچي باني پي ٽي آءِ کان پڇا ڳاڇا ڪئي. پي ٽيآءِ باني کان 28 سيپٽمبر تي نيو ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيس متعلق جاچ ڪئي وئي. جاچ آفيسر راشد ڪياني ڪيس بابت باني تحريڪ انصاف کان ڪيترائي سوال ڪيا. جاچ آفيسر پي ٽي آءِ باني کان اڊيالا جيل ۾ هڪ ڪلاڪ پڇا ڳاڇا ڪئي. پي ٽي آءِ جي باني کان 28 سيپٽمبر جي احتجاج ۾ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو هيو. عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته جيل ۾ پي ٽي آءِ باني کان جاچ مڪمل ڪئي وڃي. پي ٽي آءِ باني جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ 26 نومبر تي ختم ٿيندو.
بلوچستان ۾ گم ٿيلن لاءِ سڀاڻي هڙتال، صوبي ۾ قلم 144 لاڳو
ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ به قلم 144 لاڳو ٿي ويو، بلوچستان حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هٿيار کڻي هلڻ ۽ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قلم 144 جي لاڳو ٿيڻ بعد هر قسم جي اجتماعن ۽ هٿيارن جي استعمال تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو، ڪوئيٽا جي سرينا چوڪ تي گم ٿيل شاگرد محمد مصور جي بازيابي لاءِ 9 ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي، 25 نومبر تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سڄي صوبي ۾ هڙتال جو اعلان به ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ پاران لاهور سوڌو پنجاب ۾ احتجاج جو پلان تبديل
لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ پاران اڄ احتجاج جي سلسلي ۾ نئون پلان جوڙيو ويو آهي، لاهور ۽ پنجاب جي ٻين شهرن لاءِ احتجاجي پلان تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب لاهور مان چونڊيل نمائندن پاران لاهور ۾ احتجاج ڪرڻ جو امڪان آهي، پي ٽي آءِ جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا احتجاج جي قيادت ڪندو، رستن جي بندش جي ڪري ٻين ضلعن جا اڳواڻ پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ احتجاج ڪندا، ذريعن موجب رستا کلڻ بعد ٻين شهرن کان ماڻهو به اسلام آباد ايندا
“دل والي دلهنيا نه لي جا سڪي؟” 2 ڄڃون ڦاسي پيون، گهوٽ واپس
گجرانوالا(م ڊ) گجرانوالا ۽ گجرات وچ ۾ چنابٽول پلازه وٽ ٻن ڄاڃين جون گاڏيون روڊ رستا بند هجڻ سبب ڦاسي پيون، جنهن سبب دل والي دلهنيا نه لي جا سڪي، گهوٽ ۽ ٻن ڄڃن جون گاڏيون ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کانپوءِ واپس هلي ويون. ڄڃ سيالڪوٽ ۽ گجرانوالا کان گجرات ۽ چهلم وڃي رهي هئي. ڄاڃي پوليس وارن کي منٿون ڪري رهيا هئا ته ڪنواريتا انتظار ۾ آهن ڇڏيو وڃي پر سندن هڪ به نه ٻڌي وئي.
پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي رستا روڪ، سنڌ ۾ رستا بند، ڪيترائي اڳواڻ گرفتار، ڪلينر فوت
ڪراچي (نمائندن وٽان) پي ٽي آءِ جي ڌرڻي ۾ ماڻهن کي شرڪت کان روڪڻلاءِ سنڌ ۾ رستا بند، شڪارپور، قمبر ۽ ٻين هنڌن تي گرفتاريون، پنو عاقل ۾ گاڏي واپس موڙڻ دوران تار سان ٽڪرائڻ سبب ڪلينر ڪرنٽ ۾ فوت، حليم عادل کي روڪيو ويو، خبر موجب پي ٽي آءِ جي ڌرڻي ۾ ماڻهن کي شرڪت کان روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ رستن جي بندش شروع ڪئي وئي آهي، پنوعاقل ۾ چونگها چوڪ وٽ قومي شاھراهه کي پوليس بيھاري بند ڪيو ويو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته ٽريفڪ ۾ ڦاٿل مسافر بس کي ڊرائيور پاران ڦيرائڻ دوران گاڏي 11 ھزار بجلي جي تار سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ڪلينر نديم ڀٽي فوت ٿي ويو، قومي شاھراهه تي چونگھا چوڪ وٽ پوليس پاران پنجاب طرف ويندڙ رستا بند ڪيا ويا، جنهن ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن سخت مشڪلاتن کي منهن ڏنو، ٻئي پاسي قومي شاھراهه تي شاھ لطيف يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان روڊ کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هنن بجلي جي ڪرنٽ ۾ فوت ٿيل ڪلينر جي قتل جي ايف آءِ آر آءِ جي ۽ ٻين خلاف داخل ڪرڻ جي گهر ڪئي، هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ کي پوليس روڪي ورتو، حليم عادل شيخ جي قافلي کي بائجي چوڪ وٽ پوليس روڪي ڇڏيو، جنهن بعد هو سکر روانو ٿي ويو، شڪارپور ۾ پي ٽي آءِ جي قافلي کي شڪارپور لاڙڪاڻي روڊ تي پوليس روڪي ورتو، پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ چڪرين دوران هوائي فائرنگ ڪئي وئي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، پوليس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر حليم عادل شيخ وري ٻيو ڌرڻو شڪارپور باءِ پاس تي هنيو، حليم عادل شيخ چيو ته اسان جي گاڏين مٿان فائرنگ ڪئي وئي آھي، پوليس جي فائرنگ ۾ گاڏين جا ٽائر ڦاٽي پيا آھن، قمبر مان اسلام آباد جلسي تي ويندڙ پي ٽي آءِ جي قافلي کي شڪارپور پوليس روڪي پي ٽي آءِ جي ضلعي صدر محمد علي هڪڙو، نثار ڏيپر، وحيدهه ٻرڙو، لطف گاڏهي سميت 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪرم ۽ پارا چنار ٻري پيو، گنڊاپور لشڪرڪشي ۾ پورو آهي: پنجاب سرڪار
لاهور(م ڊ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير پي ٽي آءِ باني هن وقت لاش حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڪرم ۽ پارا چنار ۾ 4 ڏينهن کان باهه لڳي پئي آهي ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ننڊ ستو پيو آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته علي امين گنڊاپور کي صوبي ۾ بدامني جي لڳل باهه جي ڪا به پرواهه نه آهي، رڳو اهو خيال آهي ته 24 نومبر تي احتجاج ڪرڻو آهي، لاهور ۽ اسلام آباد کي بند نه ڪيون ته ڇا ڪيون ؟ ڇا انهن شهرن کي ڏنڊا بردارن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏيون ؟
پاڪستان بند ڪري ڪامياب احتجاج تي مهر هڻي ڇڏي: ڪي پي حڪومت
پشاور(م ڊ) ڪي پي جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته حڪومت بچائڻ لاءِ پاڪستان کي بند ڪيو ويو آهي، اسلام آباد کي سيل ڪري حڪومت پي ٽي آءِ جي احتجاج جي ڪاميابي تي مهر لڳائي ڇڏي آهي، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسلام آباد جو ملڪ جي ٻين شهرن سان رابطو ڪٽيل آهي، حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪرڻ بدران حق واپس ڪري.
بشريٰ بيبي بيمار؟ اڄوڪي احتجاج ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان
پشاور (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي 24 نومبر جي احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. بشريٰ بي بي جي ترجمان مشعال يوسفزئي چيو ته عمران خان جي گهرواري طبعيت ۾ خرابي سبب احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيندي.ذريعن موجب بشريٰ بي بي پهرين نومبر کان سياسي سرگرمين ۾ مصروف هئي ۽ 24 نومبر جي تيارين لاءِ پارٽي اڳواڻن سان ميٽگنز ڪيون هيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان بشريٰ بي بي کي سياسي سرگرمين کان پري رهڻ جو پيغام موڪليو هو.
گنڊاپور کان پارا چنار جو درد وسري ويو؟ 37 لاش هٿ ڪيا ويا آهن: تارڙ
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڪرم ايجنسي مان 37 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير اتي پهچي عوام جي داد رسي ڪرڻ جي زحمت به ناهي ڪئي. هي هر ٻئي ڏينهن اڊيالا جيل پهتل هوندا آهن. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير پاران چنار جو درد ڪيئن وساري ويٺو؟، پاڪ فوج جا جوان عوام جي حفاظت ڪندي قربانيون ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته خيبرپختونخوا پوليس کي دهشتگردي خلاف بهتر تربيت ڏني وڃي.خيبرپختونخوا ۾ امن امان تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڪي پي ۾ دهشتگردي ٿي رهي آهي.
رستا بند ڪرڻ لاءِ رکيل ڪنٽينر به خطرناڪ، باهه لڳي وئي
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ٿاڻي کنه ويجهو پي ٽي آءِ جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ رکيل ڪنٽينرز کي باهه لڳي وئي. ذريعن موجب ڪنٽينر ۾ تمام گهڻو سامان هو، پوليس ۽ انتظاميا ڪنٽينر رکيا پر اهي خالي نه ڪيا ويا جنهن سبب باهه لڳي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي اسلام آباد ۾ ڪنٽينر رکيا ويا آهن، ڪنهن کي خبر ناهي ته ڪهڙن ڪنٽينرن ۾ ڪهڙو مواد هوندو. باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي ۽ امدادي ادارن کي آگاهي ڏني وئي آهي، پوليس ۽ امدادي ٽيمن پهچي باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مقامي پوليس اهلڪارن ۾ پڻ خوف پکڙجي ويو آهي ته اهڙو ڪو مواد به هجي جنهن سان وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي.
ڪو به بچي واپس نه وڃي: گهرو وزير جون پوليس کي هدايتون
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوليس جو مورال بلند ڪرڻ لاءِ صبح جو پوليس لائنز پهتو . گهرو وزير محسن نقوي امن امان برقرار رکڻ لاءِ اسلام آباد پوليس جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پوليس لائنز ۾ پوليس اهلڪارن کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته 24 نومبر تي بيلاروس جو وفد ۽ 25 نومبر تي بيلاروس جو صدر پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي اسان کي اسلام آباد شهر کي هر قيمت تي محفوظ رکڻو آهي. هن چيو ته اسلام آباد کي محفوظ رکڻ لاءِ پوليس فورس کي هڪ ٽيم جي حيثيت سان ڪم ڪرڻو پوندو. وفاقي گهرو وزير واضح ڪيو ته اسلام آباد جو امن خراب ڪندڙ هر ڪنهن کي گرفتار ڪرڻو آهي، هن ڀيري اسلام آباد ۾ قانون هٿ ۾ کڻندڙ ڪنهن کي به واپس نه وڃڻ ڏنو ويندو.