احتجاج ۾ ساٿ ڏيو: برطرف ملازم هاري ڪميٽي وٽ پهچي ويا

احتجاج ۾ ساٿ ڏيو: برطرف ملازم هاري ڪميٽي وٽ پهچي ويا

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) واٽر مينجمينٽ جي برطرف ڪيل ملازمن جي وفد شڪيل احمد خاصخيلي ، غلام شبير سمون شرجيل احمد ميمڻ، نظير احمد پھنور، عبدالرؤف خاصخيلي ، ارشد علي خاصخيلي ، امداد علي ميمڻ، اميد علي ميمڻ ، محفوظ علي ميمڻ، سلطان علي عباسي ، ذوالفقار علي ميمڻ، نزاڪت علي ججھ جي وفد جي صورت ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي سان ملاقات ڪئي ملاقات ۾ واٽر مئنيجمينٽ جي وفد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي گذريل 16 مھينن کان پگھار نه ملي آھي ۽ اسان کي پڪو به نه پيو ڪيو وڃي انھي لاء اسان سنڌ ھاري ڪاميٽي وٽ آيا آھيون ته اسان جي جدوجھد ۾  سھڪار ڪري جڏھن ته سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته اسان واٽر مئنيجمينٽ جي ھر جدوجھد ۾ گڏ آھيون اسان پھرئين به ملازمن سان گڏ ڌرڻن ۾ ش ريڪ ٿياسين ۽ ھاڻي به اسان انھن ملازمن سان ھر جدوجھد ۾ ساٿ ڏينداسين جنھن تي واٽر مينجمينٽ جي ملازمن سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي جا ٿورا مڃيا