احتجاج ۾ ناڪامي؟ پي ٽي آءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار: سلمان اڪرم ۽ حامد رضا مستعفي: گوهر کي چيئرميني تان هٽائڻ جا اطلاع
نومبر 29, 2024
اسلام آباد/پشاور (م ڊ) اسلام آباد واري احتجاج کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران استيعفا ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، ذريعن موجب سلمان اڪرم راجا ذاتي سبب ڄاڻائي قيادت ڏانهن استعيفا اُماڻِي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر پاران استعيفيٰ ملڻ جي تصديق ڪئي وئي، اسلام آباد جي احتجاج ۾ سرگرم ڪردار ادا نه ڪرڻ تي سلمان اڪرم راجا مٿان تنقيد ٿي هئي، سُني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا به پي ٽي آءِ جي سياسي ۽ ڪور ڪاميٽي جي رُڪنيت تان استعيفا ڏئي ڇڏي، صاحبزاده حامد رضا پاران پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بعد قومي اسيمبلي جي رُڪنيت تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته صاحبزاده حامد رضا 24 نومبر واري احتجاج جي حوالي سان تنقيد ۽ اختلافن سبب استعيفا جو فيصلو ڪيو، پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري بعد صاحبزاده حامد رضا کي پي ٽي آءِ جي سياسي ۽ ڪور ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو هو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر کي به عهدي تان هٽايو ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي اسد قيصر کي نئون پارٽي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. اسد قيصر چيو آهي ته مونکي پارٽي چيئرمين نامزد ڪرڻ جا اطلاع درست ناهن، سيڪريٽري جنرل بابت فيصلو باني پي ٽي آءِ سان مشاورت کانپوءِ ٿيندو، حامد رضا چيو آهي ته فائنل ڪال ۾ ناڪامي تي استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، عمران سان ملاقات بعد قومي اسيمبلي تان به استعيفا ڏيندس. پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته سياسي ڪاميٽي سلمان اڪرم جي استعيفا رد ڪري ڇڏي آهي، حامد رضا به ڪيڏانهن نه ويندو استعيفا رد ڪئي ويندي، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هڪ سوال تي هن چيو ته حالتون اهڙيون ٿي ويون هيون جو بشريٰ کي ريسڪيو ڪرڻ کانسواءِ ڪو به آپشن نه هو. پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ آسان ناهي پر اڄڪلهه هر اهو ڪم ٿئي ٿو جيڪو ٿيڻو ناهي هوندو، اسان وٽ ٻيا آپشن موجود آهن، سپريم ڪورٽ وينداسين پابندي نه رهي سگهندي، گورنر راج بابت رئوف حسن چيو ته ان تي گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ٿي سگهي ٿو وڌيڪ سختي ٿئي. ميڊيا رپورٽس موجب پي ٽي آءِ جي سياسي ڪاميٽي ۾ گرماگرمي ٿي جنهن تي سلمان اڪرم استعيفا ڏني، بشريٰ بي بي سلمان اڪرم کان ڪاوڙ ۾ پڇا ڪئي ته آئون ڊي چوڪ تي هيم اوهان ڪٿي هئا؟ بزدل آهيو، ڳجهه آهيو، جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته پارٽي جو جنرل سيڪريٽري آئون آهيان، عمران کي جوابده آهيان ان جي گهرواري کي نه، ذريعن موجب فردوس شميم ۽ ٻين به سلمان اڪرم جي بيان جي حمايت ڪئي. هوڏانهن پي ٽي آءِ ڪور ڪاميٽي جَي اجلاس جِي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب بئرسٽر گوهر سمورن معاملن جو ذميوار حڪومت کي قرار ڏنو، صاحبزاده حامد رضا چيو ته سياسي ڪاميٽي ڊي چوڪ وڃڻ جو فيصلو ئي نه ڪيو هو، ڪاميٽي جي ميمبرز چيو ته بئرسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا احتجاج کي ليڊ ڇو نه ڪيو؟ ذريعن موجب ميمبرز ڪاميٽي جا فيصلا نه مڃڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته احتجاج دوران باني جي هدايتن کي به نظرانداز ڪيو ويو، ذريعن موجب اجلاس ۾ 24 نومبر واري احتجاج ۾ ناڪامين جا تفصيل باني ڏانهن اُماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.