احتساب عدالت آشيانه اقبال ريفرنس مان شهباز شريف سميت سمورن جوابدارن کي آجو ڪري ڇڏيو
نومبر 18, 2023
لاهور جي احتساب عدالت آشيانه اقبال ريفرنس مان اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف سميت سمورن جوابدارن کي آجو ڪري ڇڏيو، آشيانه اقبال پراجيڪٽ ۾ ڪرپشن جي الزامن هيٺ شهباز شريف ۽ ٻين خلاف 2018 ۾ ريفرنس داخل ڪرايو ويو هو، عدالت الزام ثابت نه ٿيڻ تي شهباز شريف، فواد حسن فواد، احد چيما ۽ بلال قدوائي سميت 10 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، ڪرپشن ريفرنس ۾ نامزد 2 جوابدار نديم ضيا ۽ ڪامران ڪياني اڳ ئي بري ٿي چڪا هئا