| احسن ڀون سميت پاڪستان بار جي اميدوارن جي ڊگرين جي تصديق |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن جي ڊگرين جي تصديق بابت پاڪستان بار ڪائونسل سيڪريٽريٽ وضاحت جاري ڪري ڇڏي. پڌرائي مطابق لاڳاپيل يونيورسٽين محمد احسن ڀون سميت پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن جي ڊگرين جي تصديق ڪئي آهي. ڊگريون اصلي هجڻ جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ چونڊيل اميدوارن کي پاڪستان بار ڪائونسل جو ميمبر قرار ڏنو ويو. محمد احسن ڀون سميت سمورن ڪامياب اميدوارن جي ڊگرين جي تصديق مقرر طريقيڪار تحت لاڳاپيل يونيورسٽين کان ڪرائي وئي. پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن جي ريٽرننگ آفيسر ۽ اٽارني جنرل چونڊيل ميمبرن جون ڊگريون لاڳاپيل يونيورسٽين کان سڌي ريت تصديق ڪرايون، جڏهن ته تصديق جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪامياب اميدوارن کي پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبرن طور باقاعده نوٽيفاءِ ڪيو ويو. پڌرائي موجب گذريل سال ٿيل پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن جي ريٽرننگ آفيسر ۽ اٽارني جنرل پڻ چونڊيل ميمبرن جي ڊگرين جي ٻيهر تصديق جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. گذريل چونڊن دوران تصديق ٿيل ڊگريون پڻ ٻيهر تصديق لاءِ لاڳاپيل يونيورسٽين ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن ڏانهن اماڻيون ويون آهن.