| احمدپور ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، نينگر سميت 2 ڄڻا فوت |
احمدپور (ن پ ا) احمدپور لڳ وڏا مهيسر ٿاڻي جي حد ۾ پيربادل رفيق مهيسر لنڪ روڊ تي ٻن تيز رفتار موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ خدابخش ميتلو جو رهواسي ايڊووڪيٽ محمد ياسين ميتلو ۽ ڳوٺ فتح علي چانڊيو جو رهواسي 13 ورهين جو نينگر مهدي چانڊيو فوت ٿي ويا. حادثي سبب فوت ٿي ويل ايڊووڪيٽ ياسين ميتلو سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر جي اسسٽنٽ رجسٽرار رضا محمد ميتلو جو ڀيڻيويو ۽ نوجوان وڪيل امجد ميتلو جو والد هو.