احمد پور جي مقتول صحافي جي تدفين: صحافين پاران لاش رکي ڌرڻو

آگسٽ 8, 2023

 ٻٻرلوءِ(رپورٽر)زمين جي تڪرار تان قتل ڪيل احمد پور جي سينئر صحافي اصغر کنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين جو لاش رکي ڌرڻو

خيرپور يونين آف جنرلسٽ جي اڳواڻن نويد کهڙو، حيدر مستوئي، قيوم ميتلو خادم جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احمد پور شهر جي مين چوڪ لاش رکي ڌرڻو هڻي ڇڏيو

ان موقعي تي صحافين چيو ته شهيد اصغر کنڊ عوام جو ڀرجهلو آواز هو سندس جي بي رحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري صحافين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي

خيرپور پوليس پاران صحافي اڳواڻن کي 12 ڪلاڪن اندر قاتلن گرفتار ڪري ڏيڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو

گذريل ڏينهن ڳوٺ امير بخش کنڊ ۾ شھيد جي اوطاق پويان فصل ۾ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن پسٽل سان حملو ڪري احمدپور جي سينيئر صحافي اصغر کنڊ کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪيو، جنهن کي وارثن ڳڻتي واري حالت ۾ پيرڳوٺ  اسپتال پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر  رستي ۾ ئي هو  زندگي جي جنگ هارائي ويو، پيرڳوٺ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

ٻي طرف صحافي جي قتل بعد  پريس ڪلب احمدپور ۾ سوڳ ۾ ڪاري جهنڊو ۽ ٻانهن تي 3 ڏينهن ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي

هوڏانهن وارثن ظهير   احمد کنڊ موجب ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، جوابدارن سئوٽ اصغر کنڊ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، هن چيو ته سئوٽ  پنهنجي زمين تان واپس گهر اچي رهيو هيو ته  اوطاق پويان جوئر جي فصل ۾ تاڙ ۾ ويٺل هٿيار بندن پسٽل جو سڌيون گوليون هڻي کيس قتل ڪيو،  قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

فائرنگ ۾ مارجي ويل صحافي جو ڀاءُ به  ڪجھه سال اڳ قتل ٿيو

ڪجهه سال اڳ مقتول جي ڀاءُ  صحافي مشتاق کنڊ کي خيرپور ۾ پيپلزپارٽي جي جلسي ۾ صحافتي فرضن کي سراجام ڏيندي شهيد ڪيو ويو هو

مقتول جي جسم جي مختلف حصن ۾ 9 گوليون لڳل آهن: ڊاڪٽر

پيرجو ڳوٺ اسپتال جي ڊاڪٽر موجب ته  مقتول جي جسم جي مختلف حصن ۾ 9 گوليون لڳل آهن. حمتي پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد ۾ جاري ڪئي ويندي

Leave A Comment