| احمد پور ويجھو ڏوهي وارداتن کان منع ڪرڻ تان فائرنگ، واپاري قتل |
احمدپور (رپورٽ: امام بخش چانڊيو) احمدپور لڳ هٿياربندن فائرنگ ڪري چوپائي مال جي واپاري کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، جيها مسجد اسٽاپ ڀرسان جوابدارن ڪچي جي ڳوٺ محمد حيات اڄڻ جي رهواسي چوپائي مال جي واپاري مسڪين احمد عرف ڪٽار اڄڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته ناريجا ڌر جي هٿياربند ڳوٺ ڀرسان ڏوھي ڪارروائيون ڪن ٿا، بيگناهه ماڻهن کي قتل ويندو آهي، ڏوهارين کي ڳوٺ ڀرسان گذرڻ تان روڪڻ تي ڳوٺاڻي کي قتل ڪيو ويو آهي، ٻي طرف مقتول جي ڀاءُ مومن اڄڻ جي فرياد تي 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ اياز ناريجو کي نامزد ڪيو ويو. ٻي طرف پوليس موجب واقعي جو اصل ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي جاچ ڪئي پئي وڃي.