اسلام آباد (بيورو رپورٽ) الیڪشن ڪميشن اختر مينگل جي خالي ڪيل سيٽ اين اي 256 خضدار تي ضمني چونڊ جو شيڊول جو اعلان ڇڏيو. اين اي 256 خضدار تي چونڊن لاءِ پولنگ 5 اپريل 2026 تي ٿيندي. چونڊ لاءِ پبلڪ نوٽيس 18 فروري تي جاري ڪيو ويندو. ضمني چونڊ لاءِ ڪاغذات نامزدگي 20 کان 24 فيبروري تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا. نامزد اميدوارن جي فهرست 25 فيبروري تي شايع ڪئي ويندي. چونڊ نشانن جي الاٽمينٽ 18 مارچ تي ڪئي ويندي. اين اي 256 خضدار تي ضمني چونڊ لاءِ ڊپٽي ڪميشنر خضدار ڊي آر او مقرر ڪيو ويو آهي. هي سيٽ سردار محمد اختر ميگنل جي استعفيٰ کان پوءِ خالي ٿي آهي. جنهن جي استعفيٰ 3 ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران منظور ڪئي وئي هئي.
ڪلثوم نواز کي بيماري ثابت ڪرڻ لاءِ مرڻو پيو، پلاند نه ڪيو: جي يو آءِ
اسلام آباد : جي يو آءِ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته ڪلثوم نواز کي پنهنجي بيماري ثابت ڪرڻ لاءِ مرڻو پيو، ٿي سگهي ٿو ته ماضي ۾ اوهان سان ناانصافيون ٿيون هجن پر اوهان ائين نه ڪريو، ورتاءُ اهڙورکو جو سڀاڻي پي ٽي آءِ کي طعنو ڏئي سگهو. انتقام نه وٺڻ گهرجي، ڪامران مرتضيٰ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي اک ضايع ٿيڻ جي خدشي جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اهڙي صورتحال ۾ قيدي کي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي، حڪومت وٽ پي ٽي آءِ باني کي گهر شفٽ ڪرڻ جو رستو آهي