اختيارن جو دائرو وڌائي سويلين جو ٽرائل ٿي رهيو آهي، آرمي ايڪٽ صرف فوجين لاءِ آهي: سپريم ڪورٽ

جنوري 8, 2025

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ چيو آهي ته جيڪڏهن شهري آرمي ايڪٽ ۾ داخل ڏوهه جو مرتڪب ٿيو ته ٽرائل ٿيندو، سپريم ڪورٽ ۾فوجي عدالتن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران آرمي ايڪٽ تي ڊگهو بحث، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آرمي ايڪٽ کي صرف هٿياربند فوج جي ميمبرز تائين محدود ڪيو ويو آهي، جنهن تي خواجه حارث چيو ته ايئن ناهي، آرمي ايڪٽ صرف آرمڊ فورسز تائين محدود ناهي، ان ۾ مختلف ٻيون ڪيٽيگريز شامل آهن، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آئين ۾ آرٽيڪل 8 (3)  فوج جي ڊسيپلن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان آهي، ڇا فوجداري معاملي کي آرٽيڪل 8 (3) ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو؟ آئين ۾ سويلنز جو نه پاڪستان جي شهرين جو ذڪر آهي، خواجه حارث جواب ڏيندي چيو ته پاڪ فوج  جا  ماڻهو به ايترائي شهري آهي جيترا ٻيا، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اهو ئي ته سوال آهي ته پاڪ فوج جي ماڻهن کي بنيادي حقن کان محروم ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟ ان تي خواجه حارث چيو ته بنيادي آئيني حقن جي بنياد تي آرمي ايڪٽ کي چئلينج نه ٿو ڪري سگهجي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪو شهري فوج جو حصو بڻجي وڃي ته ڇا بنيادي حقن کان هٿ کڻي ويهي رهي؟ خصوصي عدالتن  جو معاملو آئين جي آرٽيڪل 175 کان الڳ آهي، ڪو به شهري روڪڻ باوجود ڪنهن فوجي چوڪي وٽ وڃڻ چاهي ته ڇا ٿيندو؟ ڇا ڪم کان روڪڻ جي الزام تي ان جو  ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل ڪيو ويندو؟ خواجه حارث چيو ته اها ته اوهان هڪ صورتحال ٻڌائي آهي، ان تي ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، جنهن تي جسٽس مسرت هلالي چيو ته هي ته سڀني سان واڳيل  سوال آهي، ڪنهن چيڪ پوسٽ تي سويلين جو تڪرار ٿي وڃي ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو؟، اختيارن کي وسيع ڪري سويلين جو ٽرائل ٿي رهيو آهي، سوال اهو آهي ته سويلين جو ٽرائل ٿي سگهي ٿو يا نه؟ جسٽس محمد علي مظهر  چيو ته ان سوال جو جواب سادو آهي، جيڪڏهن اهو شهري آرمي ايڪٽ ۾ داخل ڏوهه جو مرتڪب ٿيو ته ٽرائل هلندو، رڳو چوڪي جي ٻاهران بيهڻ تي ڪجهه نه ٿيندو، آرمي ايڪٽ  جو نفاذ ڪهڙن ڏوهن تي ٿيندو، ان جو جواب آرمي ايڪٽ ۾ موجود آهي، سپريم ڪورٽ  جيلن ۾ 9 مئي واقعي جي جوابدارن جي رويي بابت ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي،خواجه حارث کي اڄ تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين جو ٽرائل روڪڻ وارو ڪيس ٻڌو ويو باقي آئيني بينچ ٻيا سمورا ڪيس ڊي لسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏنا ته آرمي ايڪٽ صرف فوج تائين محدود ناهي، جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ايگزيڪيٽوَ عدليه جو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي، وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ماضي ۾ به اهو فيصلو ڏنو هيو ته فوج جي ماتحت سويلينز جو ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو. ان تي جسٽس مندوخيل سوال اُٿاريو ته موجوده ڪيس ۾ متاثر ڌر ڪير آهي ۽ اپيل ڪنهن داخل ڪئي آهي؟ خواجه حارث جواب ڏنو ته اپيل وزارت دفاع پاران داخل ڪرائي وئي آهي. جسٽس جمال مندوخيل وڌيڪ وضاحت ڪئي ته وزارت دفاع هڪ ايگزيڪيٽوَ ادارو آهي ۽ جيڪڏهن ايگزيڪيٽوَ جي خلاف ڪو ڏوهه هجي ته ڇا اهو پاڻ جج بڻجي فيصلو ڪري سگهي ٿو؟ آئين ۾ اختيارن جي تقسيم بلڪل واضع آهي ۽ آئين تحت ايگزيڪيٽوَ عدليه جو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي. دهشتگردي ٽور عدالتن جي قانون تحت هڪ فورم موجود آهي ۽ ان ۾ ايگزيڪيٽو کي جج بڻجڻ جو ڪو اختيار ناهي.

Leave A Comment