اداڪارا حنا بيات مداحن جو ڏک ٻڌائيندي روئي ويٺي

جُون 8, 2023

لاهور ( شوبز نيوز) پاڪستان جي نامياري اداڪارا حنا بيات مڙس جي وڇڙي بعد زندگي ۾ پيش آيل واقعن تي ڳالهائيندي روئي ويٺي، هن مداحن سان ناراضگي جو اظهار ڪيو

هڪ انٽرويو  دوران حنا بيات چيو ته مون کي دوستن توڙي عزيزن مان ڪنهن به قسم جي شاڪايت نه آهي پر مداحن مڙس جي فوت ٿيڻ بعد جم جرڻ تي مون کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو جنهن تي ڏک ۾ اضافو ٿيو

هن چيو ته مڙس جي بيماري سبب مان هڪ سال تائين ڪم نه ڪيو جيتوڻيڪ مون کي پنهنجو ور چوندو رهيو ته مان ڪم جاري رکان

هن چيو ته مون کي هڪ پراجيڪٽ جي آڇ ٿي هئي جنهن کان مان جواب ڏنو هو پر مڙس جي زور ڀرڻ تي اهو به ڪيو، مان ڏاڍو ڏکيو  وقت به گذاريو

حنا بيات پنهنجي درد ڪٿا ٻڌائيندي چيو ته ماڻهو ايترا ظالم آهن جو ٻين جي  ڏکن کي سمجهڻ بنا پنهنجي فتويٰ جاري ڪري ڇڏيندا آهن

Leave A Comment