اداڪاره اقرا عزيز ۽ ياسر حسين جي گهر نياڻي جو  جنم

اداڪاره اقرا عزيز ۽ ياسر حسين جي گهر نياڻي جو  جنم

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪاره اقرا عزيز ۽ ياسر حسين پنهنجي ٻئي ٻار جي آجيان ڪئي آهي. ياسر حسين ڇنڇر 24 جنوري جي رات جو انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، سندس گهر نياڻي جنم ورتو آهي، ياد رهي ته اقرا ۽ ياسر ڪجهه هفتا اڳ اعلان ڪيو هو ته اهي جلد خوشخبري ٻڌائيندا. ٻنهي جو هڪ پٽ آهي جيڪو جولاءِ 2021 ۾ پيدا ٿيو هو. ياد رهي ته جوڙي جي شادي ڊسمبر 2019 ۾ ڪراچي ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ شوبز انڊسٽري جي ڪيترن ئي مشهور فنڪارن شرڪت ڪئي هئي.