| اداڪاره حنا رضوي بيماري سبب آءِ سي يو منتقل |
ڪراچي(شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارہ حنا رضوي کي طبيعت خراب ٿيڻ کانپوءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، هن وقت هوءَ انتهائي نگهداشت واري شعبي (ICU) ۾ علاج هيٺ آهي. اداڪارہ جي بيماري وارين خبرن تي مداحن ۽ ساٿي فنڪارن ۾ ڳڻتي واري لهر ڇانئجي وئي. حنا رضوي پاڻ اسپتال مان هڪ مختصر وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس آڪسيجن ماسڪ ۽ ڊرِپ لڳل ڏسي سگهجي ٿي، وڊيو سان گڏ ڏنل پيغام ۾ هن مداحن کي جلد صحتيابي لاءِ خاص دعائن جي درخواست پڻ ڪئي.