| اداڪاره ساره خان ڪرش پاٺڪ سان شادي ڪري ڇڏي |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي ٽي وي انڊسٽري جي مشهور اداڪاره ساره خان ڪرش پاٺڪ سان شادي ڪري ڇڏي، جوڙي جي شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن. ڀارتي ميڊيا موجب جوڙي آڪٽوبر ۾ ڪورٽ ميريج هئي، جڏهن ته ڊسمبر ۾ شادي جون رسمي تقريبون ادا ڪيون ويون، جوڙي پاران شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون.