| اداڪاره سهائي ابڙو جي مڙس کان عليحدگي جا چوٻول؟ |
ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره سهائي علي ابڙو جي مڙس کان عليحدگي جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن. اداڪاره سهائي ابڙو هميشه پنهنجي ازدواجي زندگي کي خانگي رکيو آهي، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي مڙس ۽ ڌيءَ سان گڏ زندگي جون جهلڪيون شيئر ڪيون آهن. تازو ئي سوشل ميڊيا تي سندس مڙس سان گڏ ڪا به پوسٽ نظر نه آئي آهي. اداڪاره جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان سندس شادي جون پوسٽون پڻ هٽايون ويون آهن، جڏهن ته ميندي جون تصويرون ڊليٽ ناهن ڪيون ويون، جوڙي هڪٻئي کي ان فالو (unfollow) پڻ ڪري ڇڏيو آهي. سهائي آخري ڀيرو نومبر 2022 ۾ مڙس سان گڏ هڪ ريل شيئر ڪئي هئي، جڏهن ته 2024 ۾ هن فادرز ڊي جي موقعي تي پنهنجي مڙس لاءِ هڪ ريل پوسٽ ڪئي هئي.