| اداڪاره سونم ڪپور ٻيهر ماءُ بڻجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي 40سالن جي اداڪاره سونم ڪپور پنهنجي ٻئي حمل جي تصديق ڪري ڇڏي، گذريل ٻن مهينن کان اداڪاره سونم ڪپور ۽ سندس مڙس آنند آهوجا جا ٻئي ٻار جي آمد بابت سوشل ميڊيا تي افواهه گردش ڪري رهيا هئا پر سونم يا سندس خاندان طرفان ڪا به ترديد يا تصديق نه ڪئي وئي، ڪجهه ڏينهن اڳ، سونم جي پنهنجي والد ۽ اداڪار انيل ڪپور جي گهر رٿيل ‘گڻوا چوٿ’ جي تقريب ۾ شرڪت انهن افواهن کي وڌيڪ تيز ڪيو، جتي سونم ڪپور فوٽوگرافرن سامهون اچڻ بدران ڪار ۾ ويٺل رئي. هاڻي سونم ڪپور انسٽاگرام تي هڪ دلڪش فوٽو شوٽ سان پنهنجي ٻئي حمل جي تصديق ڪئي آهي. شيئر ڪيل تصويرن ۾ کيس گلابي ڪوٽ اسٽائل جو لباس پاتل آهي هڪ خوبصورت ڪاري هينڊ بيگ ۽ چشمو اداڪاره جي اسٽائل کي چار چنڊ لڳايا آهن.