اداڪاره صبا قمر جو نئون روپ: مخالفن تنقيد جا تير وسايا 

اداڪاره صبا قمر جو نئون روپ: مخالفن تنقيد جا تير وسايا 

لاهور(ڪامرس ڊيسڪ) پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪاره صبا قمر پنهنجي جاندار اداڪاري سبب مشهور آهي پر سندس بولڊ انداز تي اڪثر تنقيد پڻ ٿيندي آهي. صبا قمر ڪيترن ڀلوڙ مشهور ڊرامن پاني جيسا پيار، باغي، بي شرم، چيڪ، ڊائجسٽ رائٽر ۽ فراڊ ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي، تازو ئي صبا برائيڊل ڪائوچر ويڪ ۾ ريمپ تي واڪ ڪندي نظر آئي، سوڙهو لباس پائڻ تي ڪجهه حلقن تنقيد جا تير وسايا،  جڏهن ته مداحن طرفان کيس ساراهيو ويو