اداڪاره صريحا اصغر ٽئين ٻار کي جنم ڏنو

اداڪاره صريحا اصغر ٽئين ٻار کي جنم ڏنو

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره صريحا اصغر پنهنجي ٽئين ٻار جي پيدائش جي خوشخبري مداحن سان شيئر ڪئي آهي.صريحا اصغر سوشل ميڊيا ذريعي  مداحن کي ٻڌايو ته سندس گهر ڌيءَ جي آمد ٿي آهي، جنهن جو نالو  ’الازني مرتضيٰ‘ رکيو آهي.صريحا اصغر خوشي جي موقعي تي فيملي فوٽو شوٽ جون خوبصورت تصويرون پڻ شيئر ڪيون آهن، جن ۾ سندس پورو خاندان گڏ نظر اچي رهيو آهي. تصويرن ۾ سڀني گهرڀاتين کي ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جو هڪ جهڙو (matching)  لباس پهريل آهي.