اداڪاره عائزه خان جو سليو ليس لباس ۾ بولڊ فوٽو شوٽ

اداڪاره عائزه خان جو سليو ليس لباس ۾ بولڊ فوٽو شوٽ

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) ناليواري اداڪاره عائزه خان جي بولڊ فوٽو شوٽ تي مداح مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن، عائزه خان سوشل ميڊيا تي هڪ نئون فوٽو شوٽ شيئر ڪيو، جنهن ۾ هوءَ اڇي سلڪي سليو ليس لباس ۾ نظر آئي.هن پوسٽ سان گڏ لکيو ته اهو فوٽو شوٽ عيد جي ڏينهن ڪيو ويو هو پر مصروفيت سبب وقت تي شيئر نه ڪري سگهيس. مداحن کي عائزه خان جو اهو انداز نه وڻيو، هنن کيس ياد ڏياريو ته هوءَ ماضي ۾ پاڻ چئي چڪي آهي ته سليو ليس لباس ناهي پائيندي ۽ سادگي کي ترجيح ڏيندي آهي. مداحن اداڪاره تي تنقيد ڪندي چيو ته اوچتو اها تبديلي ڇو؟ شايد شهرت لاءِ ائين ڪيو پيو وڃي، توهان کي اهو انداز نٿو سونهي، مهرباني ڪري پنهنجي پراڻي اسٽائل تي واپس اچو.