اداڪاره عاليه علي آيٽم نمبر فلمائڻ تي تنقيد هيٺ

اداڪاره عاليه علي آيٽم نمبر فلمائڻ تي تنقيد هيٺ

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) ناليواري اداڪاره ۽ ماڊل عاليه علي ايٽم نمبر فلمائڻ تي تنقيد کي منهن ڏئي رهي آهي عاليه  علي پنهنجي فلم ”آيٽم“ جي مشهوري لاءِ هڪ شو ۾ شريڪ ٿي، جتي هن بولڊ منظرن جي شوٽنگ بابت کليل نموني ڳالهايو.
هن چيو ته مون  ڪڏهن به بولڊ سين يا لباس تي اعتراض نه ڪيو، ڇو ته انهي پويان هڪ ڪارڻ هو، آئون جڏهن به بولڊ لباس ۾ سيٽ تي ايندي هيس ته پروڊيوسر هما شيخ مائيڪ تي اعلان ڪندي هئي ته عاليا اچي رهي آهي، سڀ پنهنجو مُنهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن عورت پروڊيوسر نه هجي ها ته شايد مون کي پريشاني ٿئي ها، عاليا جي انهن دليلن تي مٿس ويتر تنقيد ٿي رهي آهي