اداڪاره فضا علي جو ٽيون مڙس 3 ٻارن جو پيءَ نڪتو

اداڪاره فضا علي جو ٽيون مڙس 3 ٻارن جو پيءَ نڪتو

ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره ۽ ٽي وي ميزبان فضا علي جو ٽيون مڙس 3ٻارن جو پيءَ نڪتو، تازو فضا علي پنهنجي مڙس اعجاز خان کي هڪ خانداني عيد فوٽو شوٽ ذريعي متعارف ڪرايو، هوڏانهن   ميزبان روبي ملڪ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ فضا علي جي شادي ۽ سندس مڙس بابت تفصيل ظاهر ڪيا. هن چيو ته  فضا علي 45 سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي هئي، اها سندس ٽئين شادي آهي. هن چيو ته اعجاز جو برطانيه ۾ شو روم آهي، هوءَ اڳ ۾ ئي شادي شده آهي کيس 3 ٻار آهن، فضا علي پاڻ کي 41 سالن جي ٻڌائي ٿي پر سندس اصل عمر 45 کان 48 سالن وچ ۾ آهي.