| اداڪاره فضا کي مڙس پاران ڪلهي تي کڻڻ واري حرڪت چئلينج |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي وڪيل نواز ڏاهري ٽي وي جي مارننگ شو ۾ ميزبان فضا علي کي سندس مڙس پاران کنڀي کڻڻ واري حرڪت خلاف پيمرا چيئرمين وٽ شڪايت جمع ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ فضا علي خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي، شڪايتي خط ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت سوشل ميڊيا تي فضا علي جي وڊيو وائرل آهي، ٽي وي چينل تي غير اخلاقي مواد نشر ڪرڻ پيمرا قانون جي خلاف ورزي آهي، اهڙيون حرڪتون نشر ڪرڻ تي خانگي ٽي وي چينل ۽ پروگرام ٽيم خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هوڏانهن فضا علي وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اهو لمحو هلڪي ڦلڪي انداز ۾ اوچتو پيش آيو، انهي عمل پويان ڪنهن به قسم جي نامناسب نيت شامل نه هئي، اهو رڳو قدرتي ۽ دوستاڻو ردعمل هو. فضا علي چيو ته آئون ڏسندڙن جو احترام ڪندي آهيان، اڳتي به انهن ئي اصولن کي نظر ۾ رکندي پنهنجو ڪيريئر جاري رکنديس. واضح رهي ته فضا علي تازو پنهنجي مارننگ شو ۾ مڙس کي دعوت ڏني هئي، شو دوران فضا علي جي ڌيءُ به موجود هئي، فضا جي ڌي اعجاز خان کان فرمائش ڪئي ته ڇا توهان مما ( امڙ ) کي لائيو شو ۾ به ائين کڻي سگهو ٿا، جيئن گهر ۾ کڻندا آهن؟ جنهن تي اعجاز فوري طور تي فضا کي لائيو پروگرام دوران پنهنجي ڪُلهي تي کنيو، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.