لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره مهر بانو پنهنجي شادي بابت گردش ڪندڙ افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. اداڪاره مهر بانو پاران پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان مڙس سان گڏ تصويرون هٽائڻ بعد افواهن جو سلسلو شروع ٿيو هو ، تازو سوشل ميڊيا تي سوال ۽ جواب جي هڪ سيشن ۾ مهربانو کان سندس مداح شادي شده هجڻ بابت سوال پڇيو. جنهن تي مهر بانو پنهنجي شادي جي خاتمي جي تصديق ڪئي. واضح رهي ته مهر بانو ۽ شاهه رخ ڪاظم علي 2022 ۾ شادي ڪئي هئي، اها شادي 3 سال به هلي نه سگهي.