اداڪاره مونا ليزا جو ڊائريڪٽر مشرا تي هراساني جو الزام

  اداڪاره مونا ليزا جو ڊائريڪٽر مشرا تي هراساني جو الزام

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) ڪنڀ ميلي جي وائرل گرل اداڪاره مونا ليزا ڀونسلي مشهور ڊائريڪٽر سنوج مشرا تي بدسلوڪي ۽ جنسي هراساني جو الزام هنيو آهي. پريس ڪانفرنس ۾ هن دعويٰ ڪئي ته کيس ۽ سندس مڙس فرمان خان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. انهي کان اڳ مونا ليزا ڀونسلي مخالفتن باوجود پنهنجي بواءِ فرينڊ محمد فرمان سان شادي ڪئي هئي. ياد رهي ته مونا ليزا ڀونسلي مها ڪنڀ ميلي (پرياگراج) ۾ ردرڪش وڪڻندي پنهنجن خوبصورت اکين ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي.