اداڪاره هانيا عامر کي شادي کان اڳ  طلاق؟ نجومي جي اڳڪٿي   

اداڪاره هانيا عامر کي شادي کان اڳ  طلاق؟ نجومي جي اڳڪٿي   

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) ماهر نجومي دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪاره هانيا عامر جي  2026 ۾ طلاق ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هانيا اڃا تائين شادي به نه ڪئي آهي. هانيا عامر پاڪستان جي مقبول اداڪارائن مان هڪ آهي جنهن جا انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالوورز آهن. کيس ‘ميري زندگي هي تو’ ڊرامي ذريعي ڀرپور موٽ ملي،  مداح سندس اداڪاري ۽ سوشل ميڊيا جي موجودگي کي پسند ڪن ٿا، پر سندس ڪيريئر سان گڏ، ماڻهو سندس ذاتي زندگي ۾ به گهڻي دلچسپي رکن ٿا. تازو هانيا عامر پنهنجي پراڻي دوست ڳائڻي عاصم اظهر سان لاڳاپن  ڪري خبرن ۾ رهي آهي.