| اداڪاره ڪيرتي سينن جا واپاري سان شادي جا افواهه |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪاره ڪيرتي سينن جو ڪبير باهيا سان ڊيٽنگ ۽ شادي جي افواهن تي رد عمل وائرل ٿي ويو. اداڪاره ڪيرتي سينن ۽ برطانوي ڪاروباري شخصيت ڪبير باهيا وچ ۾ ڊيٽنگ جا افواهه تڏهن منظر آيا، جڏهن جوڙي کي گڏ ڏٺو ويو. ٻئي سوشل ميڊيا تي هڪٻئي لاءِ پوسٽون پڻ شيئر ڪري رهيا آهن. تازو ڪبير ڪيرتي جي ڀيڻ جي شادي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪاڄ جون تصويرون شيئر ڪيون، تڏهن انهن افواهن کي هٿي ملي جڏهن ڪريتي کان تازوسندس شادي بابت پڇيو ويو ته هن چيو “ڇا توهان ساڳئي ماسي آهيو، جيڪا پڇندي آهي ته آئون ڪڏهن شادي ڪري رهي آهيان؟ هن چيو ته زندگي ۾ شادي کان وڌيڪ ڪجهه آهي.” هن چيو ته هوءَ صرف تڏهن شادي ڪندي، جڏهن هوءَ محسوس ڪندي ته وقت صحيح آهي، مون کي نه ٿو لڳي ته آئون جلدي ۾ آهيان. ياد رهي ته 25 مارچ 2026 تي ڪيرتي سينن پنڪ ولا اسڪرين اينڊ اسٽائل آئڪون ايوارڊز 2026 ۾ شرڪت ڪئي هئي، جتي هن سائي لباس ۾ سڀني جو ڌيان ڇڪايو ۽ بهترين اداڪاره (پاپولر چوائس) ايوارڊ کٽيو. ايوارڊ کٽڻ کانپوءِ هن سوشل ميڊيا تي لکيو ته، “تيري عشق ۾” لاءِ مون کي بهترين اداڪاره جو ايوارڊ ڏيڻ لاءِ پنڪ ولا جو شڪريو.”