| اداڪاري ڪندي گهر سنڀاليو، نوجوان مايوس نه ٿين: بشريٰ انصاري |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي ۾ مشهور اداڪارا بشريٰ انصاري چيو آهي ته مون صحافي ۽ ليکڪ احمد بشير جي رهنمائي هيٺ هڪ ادبي گهر ۾ پرورش پاتي. والد ئي ڪتابن، دانشوراڻن بحثن ۽ ترقي پسند سياسي خيالن سان روشناس ڪرايو. ننڍپڻ ۾ “ٽوم بواءِ” هيس وڻن تي چڙهندي هيس، سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته هڪ اهڙو به وقت هو جو هڪ ئي وقت ڊرائيور، بورچي، صفائي ڪندڙ ۽ اداڪاره هيس، پر عزم ۽ ڌيان هر شيءِ کي ممڪن بڻايو. هڪ ئي وقت پنهنجي اداڪاري، ڪيريئر، گهريلو ذميوارين کي نڀايو ۽ ڌيئرن جي پرورش ڪئي. بشر يٰ انصاريءَ نوجوانن کي صلاح ڏيندي چيو ته هو پنهنجن مقصدن لاءِ پرعزم رهن، هر ناڪامي کان پوءِ اُٿي بيهن ۽ ڪڏهن به پنهنجو ايمان ڪمزور نه ڪن. جيڪڏهن توهان ٻيهر نه اٿي بيهندا ته ماڻهو توهان تي پير رکي، لتاڙي هليا ويندا، تنهن ڪري محنت جو ڪو به متبادل ناهي. ان موقعي تي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ثميره ميمڻ سيشن ماڊريٽر هئي جڏهن ته ميجر (ر) آفتاب لوڌي ۽ مئنيجر اسٽوڊنٽ افيئرز مسز زنيرا جلالي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. پروگرام جي آخر ۾ وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ مهمانن کي شيلڊون ڏنيون.