| اداڪار بريڊلي ڪوپر ۽ جيجي حديد جو مڱڻو ٿي ويو؟ |
لاس اينجلس (ڪلچرل ڊيسڪ) هالي ووڊ جي نامياري اداڪار بريڊلي ڪوپر ۽ سپر ماڊل جيجي حديد ذاتي زندگيءَ سبب ٻيهر خبرن ۾ آهن، جوڙي کي پيرس ۾ گڏ ڏٺو ويو، جتي سندن آڱرين ۾ موجود هڪ جهڙين منڊين مڱڻيءَ جي افواهن کي نئين زندگي ڏئي ڇڏي. ميڊيا موجب 51 سالن جي بريڊلي ڪوپر ۽ 31 سالن جي جيجي حديد ورزش کانپوءِ پيرس جي هوٽل ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا. ٻنهي کي آرامدہ اسپورٽس لباس پاتل هو، جڏهن ته هٿن ۾ پاڻيءَ جون بوتلون هيون، جوڙي کي پاتل هڪجهڙين ڌيان ڇڪايو بريڊلي ڪوپر ۽ جيجي حديد جي لاڳاپن جون خبرون آڪٽوبر 2023ء ۾ سامھون آيون هيون، جوڙي پنهنجي نجي زندگيءَ کي ميڊيا جي نظرن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي. بعد ۾ جيجي حديد پنهنجي 30ين سالگرهه تي بريڊلي ڪوپر سان تصوير شيئر ڪري پهرين ڀيرو سوشل ميڊيا تي پنهنجي تعلق جي باضابطه جھلڪ ڏيکاري هئي. واضح رهي ته جيجي حديد گلوڪار زين ملڪ سان تعلق ۾ رهي چڪي آهي، سندس 5 سالن جي ڌيءُ پڻ آهي، جڏهن ته بريڊلي ڪوپر جي پڻ اڳوڻي ساهيڙي ارينا شائڪ مان 9سالن جي ڌيءُ آهي.