| اداڪار راجپال يادو جي اباڻي ملڪيت به نيلام ٿيندي |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جو وکري ٽائيپ جو اداڪار راجپال يادو هڪ ڀيرو ٻيهر قانوني ۽ مالي مشڪلاتن ۾ گهيرجي چڪو آهي.سينٽرل بينڪ آف انڊيا 16.61 ڪروڙ رپين جو قرض ادا نه ڪرڻ تي سندس اتر پرديش جي ضلعي شاهجهان پور ۾ واقع اباڻي ملڪيت کي ضبط ڪرڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي آهي. رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾9 سيپٽمبر تي ملڪيت جي نيلامي ڪئي ويندي. بينڪ عملدارن موجب ممبئي برانچ مان راجپال يادو جي زال راڌا ۽ امڙ گوڌاوري جي نالي تي قرض ورتو ويو هو. ٻه سال اڳ به قرض نه موٽائڻ تان ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ نوٽس جاري ڪيو ويو هو، هوڏانهن گذريل مهيني دهلي هاءِ ڪورٽ چيڪ بائونس جي ڪيس ۾ راجپال يادو کي ٽن مهينن جي قيد جي سزا پڻ ٻڌائي هئي.