| اداڪار رسل برانڊ تي لڄالٽ جا ٻه نوان الزام |
لنڊن (ڪلچرل ڊيسڪ) ميٽروپوليٽن پوليس تصديق ڪئي آهي ته 50 سالن جي مزاحيه اداڪار رسل برانڊ تي لڄالٽ ۽ جنسي زيادتي جا ٻه نوان الزام لڳايا ويا آهن. بي بي سي مطابق ڪرائون پراسيڪيوشن سروس ٻن عورتن پاران لڳايل الزامن جي بنياد تي اهڙِي منظوري ڏني آهي.رسل برانڊ تي اڳ ۾ 4 مختلف عورتن پاران ريپ ۽ جنسي حملي جا 5 الزام لڳايا ويا هئا، اداڪار پاڻ کي انهن الزان کان بيگناهه قرار ڏنو آهي، اداڪار رسل کي 10 جنوري ويسٽ منسٽر مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ٿيڻو آهي.