Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_kosti7b8e31og8grpa7ojflhb5, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ادب جا بنيادي محرڪ ... ڊاڪٽر پيار علي جتوئي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ادب جا بنيادي محرڪ ... ڊاڪٽر پيار علي جتوئي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ادب جا بنيادي محرڪ … ڊاڪٽر پيار علي جتوئي

هن ڌرتي تي پلجندڙ مڙني مخلوقن مان انسانذات علم، عقل، شعور ۾ سرس رهيو آهي. اوائلي دور کان وٺي جملي مخلوقون پنهنجي پنهنجي نسل جي بقاخاطر طرحين طرحين جون جفاڪشون ڪنديون رهيون آهن، ڪڏهن اهي موسمن جون سختيون پنهنجي سر تي سهنديون رهيون آهن ته ڪڏهن قدرتي آفتن سان مهاڏو اٽڪائينديون رهيون آهن. ڪيڏي مهل ته اهي مخلوقون هڪ ٻئي کي ماري کائي پنهنجي جيئڻ جو سبب پيدا ڪنديون رهيون آهن. حاصل مطلب اهو ته هر مخلوق جو بنيادي مقصد اهو رهندو آهي ته اها پاڻ کي زنده رکي سگهي ۽ ان جو نسل قائم رهي سگهي. اهڙي جيئڻ واري جنگ کي ڀٽائي سائين ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي،
”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪيا“
مخلوقن جي پاڻ ۾اها ويڙهاند اڄ ڏينهن تائين جاري رهندي پئي اچي. اهڙي ويڙهاند واري طرزعمل زندگي کي درندگي وارو دور سڏي سگهجي ٿو پر جيئن انسان هن ڪائنات جي رازن ۽ رمزن کي سمجهڻ شروع ڪيو ۽ دنيا جي لڪل فطرتي قائدن ۽ قانونن جي ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو، تيئن انسانذات جي جيئڻ جا بنيادي مقصد وقت سر ۽ گهرجن پٽاندڙ بدلبا رهيا. تاريخ جي مخلف دورن ۾اهڙا انيڪ مٿير مڙس پيدا ٿيندا رهيا جيڪي انسانن کي صرف پنهنجي ڪاڻ جيئڻ کي زندگي جو تمام گهٽ ۽ ننڍڙو مقصد سمجهيو، تنهنڪري اهڙن آفاقي آدرش رکندڙ ڏاهن، فيلسوفن، شاعرن، اديبن، آزادي جي علمبردارن، سورمن، سائنسدانن، سياستدانن پنهنجون زندگيون وقف ڪري نه رڳو انسانذات لئه پر ڌرتي تي رهندڙ سڀني مخلوقن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري انهن لاءِ مفيد ڳالهيون هٿ ڪري نه رڳو پنهنجي پر جملي مخلوقن جي زندگي سولي بڻائي ڇڏي. جيئن جيئن انسان اهڙي قسم جي معلومات وٺنديون ويون، انسان جي سمجهه توڙي سوچ ۾ واڌارو ايندو ويو، انسان جي سوچڻ جا پيمانا بدلجندا ويا. ڪيئي قسمن جون قديم ريتون رسمون مدي خارج بڻجي ختم ٿي ويون، وقت گذرڻ سان گڏ، پراڻيون تهذيبون بدلبيون ويون، پراڻاقانون ردي ٿي ويا. ڄاڻ جي حاصلات جي ڪري انساني زندگي جو سمورو رنگ ڍنگ بدلجي ويو. اهڙي طرح ان علم انسان کي جملي مخلوقن کان اتم بڻائي ڇڏيو.
جيئن ته علم جون ڪيئي شاخون آهن پرادب علم جي سڀ کان مٿاهين شاخ سمجهيو وڃي ٿو. ادب کي علم جوشاهڪار سمجهيو وڃي ٿو يا ائين کڻي چئجي ته سموري علم مان ادب علم جي بهترين موتين مان سڀ کان اعلا قسم جو موتي آهي جنهن انسان جي وحشي پڻي، درندگي، ظلمت ۽ انارڪي مزاج کي ختم ڪري، شائستگي، نرمي، مرڪ، پيار، محبت، ٻاجهه، ڪرم، مهرباني، خلوص، نياز نوڙت، سهپ، برداشت، درگزر ڪرڻ، معاف ڪرڻ جهڙا قدر انسان جي مزاج ۾ پوئيا. اديب ماڻهو اهڙا نازڪ نفيس مزاج رکندڙ، قرب وارا، سادا سولا، ٻاجهارا، ڳالهائين ته ڄڻ وات مان گلاب جا گل ٽمندا هجن، لفظن منجهه اهڙو جادوگري جو ڳالهائڻ لڳن ته ماڻهو سندن آواز جي سحر ۾ پاڳل ٿي وڃن، اهڙو رواني سان لکن جو پڙهندڙ سندن ڪهاڻين ۾ غرق ٿي وڃي، اهڙي شاعري ڪن جو ڄڻ ته سندن لفظ تير جيان ماڻهن جي دلين ۾ چڀي پون. اهڙن املهه ۽ سون ورنيون دليون رکندڙ شاعر اديب، ڪهاڻيڪار، فلسفي جڏهن هٿ ۾ قلم کڻي ادب لکڻ لڳندا آهن ته قومن جون تقديرون بدلجي وينديون آهن. اهو سقراط ئي هو جنهن جي علمي گفتگو ماڻهن کي عقيداپرستي واري واٽ ڇڏي علمي عقلي سوچ سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ اڄ جو انسان دقيانوسي رسمن رواجن، انڌن عقيدن کي ڇڏي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ ٿي ڏورانهن سيارن ڏانهن وک وڌائي رهيو آهي. ڀلا جنيوا ڄائي فلسفي روسو کي ڪير وساري سگهي ٿو جنهن جي لکڻين يورپ ۾ روشن خيالي جي اها چڻنگ دکائي جيڪا اڳتي مچي مچ ٿي پئي ۽ سڄي يورپ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ فرانس جو عظيم انقلاب برپا ٿيو. دنيا جي عظيم اديب ڪارل مارڪس کي ڪيئن ياد نه ڪجي جيڪو پاڻ ته فاڪا ڪٽي مري ويو پر دنيا جي مظلوم غريب مزدورماڻهن لاءِ اهڙو نظام ڏئي ويو جو دنيا جي تاريخ ۾ اهڙو نظام ڪنهن ناهي ڏنو.
ٿلهي ليکي ائين کڻي چئجي ته ادب جو بنيادي مقصد ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪري ماڻهو جون وحشي صفتون بدلائي انساني روپ اختيار ڪرائي ٿو. ادب پراڻيون دقيانوسي ريتون رسمون اوائلي عقيدا مٽائي انسان کي نئين زندگي جيئڻ جو ڏانء ڏئي ٿو.ادب ماڻهن کي سوچڻ سمجهڻ تي مجبور ڪري ٿو. اڄ جي جيڪا حقيقت آهي، اها ڪالهه جي ڪنهن اديب دانشور، فلسفي جو ذهني خاڪو هو، تنهنڪري اديب دانشور کي مستقل اڏيندڙ به چئي سگهجي ٿو. اديب غلام قومن کي آزادي لئه هرکائين ٿا، اديب اگهور ستل قومن کي پنهنجي گيتن ۽ لکڻين وسيلي جاڳائي سندن ستل ضمير جهنجهوڙي کين جاڳائين ٿا. تنهنڪري دنيا جو هر ادب قومن کي زندهه رکڻ جو ذريعو بڻجندو آهي. اهي قومن مري کپي وينديون آهن جن جا شاعر اديب فلسفي پنهنجو قلم چند ٽڪن تي کپائي ڇڏين. انهن قومن جو حشر ڏاڍو خراب ٿيندو آهي جن وٽ پنهنجي اديبن دانشورن جو قدر ناهي هوندو. تنهنڪري اچو ته پنهنجي قوم جي سچن سورمن، ڏاهن، ليکن کي مان ڏيون ته جيئن اهي پنهنجي قلم مان پنهنجي رت سان لفظ لکي اسان جي ضميرن کي جهنجهوڙيندا رهن ۽ اها ئي اسان جي مستقبل ۾ پنهنجي وجود کي باقي رکڻ جو سبب بڻجندي رهندي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *