ادب جو 2023 لاءِ نوبل انعام ناروي جي اديب فوسي جي نانءُ

آڪٽوبر 5, 2023

واشنگٽن(پنهنجي ڊيسڪ) سال 2023ع لاءِ ادب جو نوبل ايوارڊ ناروي جي اديب جون فَوسَي جي نانءُ، سوئيڊش اڪيڊمي جي نوبل ڪميٽي ناروي جي اديب کي ادب جو نوبل ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 نوبيل ڪميٽي جو چوڻ آهي ته 65 سالن جي جـَون پنهنجي تخليقي ڪم سان اهڙن موضوعن تي ڳالهايو، جِن تي ڳالهايو نه ويندو آهي

ٻئي طرف جون فوسي نوبل ڪميٽي جي اعلان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته اِن اعزاز تي جذباتي ٿيڻ سان گڏ ڪنهن حد تائين ڊڄي به ويو آهيان، جون فوسي کي نوبل ايوارڊ سان گڏ 9 لک 15 هزار ڊالرز به ڏنا ويندا

Leave A Comment