ادب جي افق تان …..  “سمنڊ اڪيلو آهي”…سجاد مھر

                 شاعري سان الاهي پيار آهي، ان ڪري پنهنجي هم عصر شاعرن جا شعري مجموعا نہ صرف خريد ڪندو آهيان پر انهن کي پڙهي سيني سان لائي محفوظ رکي بہ ڇڏيندو آهيان. امر اقبال اسان جي ٽهيءَ جو نهايت سگهارو ۽ رومينٽڪ شاعر آهي. هن جو ڪلام مون ڪافي وقت اڳ پڙهيو هو. هينئر تہ امر اقبال جا تقريبن اٺ مجموعا- پنج نثر تہ ٽي نظم ۾ ڪتاب اسان وٽ موجود آهن پر جيئن تہ هر شاعر جو ابتدائي دؤر سکڻ وارو دؤر محبت جو، وڇوڙي جو، ڏوراپن جو ۽ جوانيءَ سان ڀرپور دؤر هجي ٿو، ان دؤر ۾ جيڪي چلولايون ٿي وڃن ٿيون، سي اڳتي هلي حياتيءَ جو هڪ حسين حوالو بڻجي رهجي وڃن ٿيون. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي تہ اهو دؤر سکيا جو ۽ ڪجھه ڪري ڏيکارڻ جو، پاڻ کي شاعرن يا ليکڪن جي لشڪر ۾ شامل ڪرڻ جو هجي ٿو ۽ ڪيترن جاين تي تہ ويچارو ليکڪ وڏي مشڪل سان ان ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، جيڪا ڊوڙ وڏي جوکم کان پوءِ اسپيس ڏيندي آهي.

کوڙ شيون لکندي لکندي رهجي وينديون آهن ۽ کوڙ احساس پني تائين پهچندي پهچندي  پنهنجي عمر وڃائي ويهندا آهن. آئون نون ڪتابن سان گڏ ڪجھ پراڻن ڪتابن کي بہ وري پڙهڻ ۽ اوهان تائين پهچائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهيان. پراڻن ڪتابن تي لکڻ جو مقصد اهو بہ آهي تہ جيئن اسان جا پڙهندڙ جيڪي ڪتابن کان هٽي سوشل ميڊيا تي محدود ٿي ويا آهن، انهن کي پنهنجي پيارن جو ڪيل پورهيو هن صورت ۾ ئي ڇونہ پڙهائجي ۽ ڪتاب جي وجود کي بہ محفوظ ڪجي. ان ڪري مون پنهنجي شاعر دوست امر اقبال جي 2004 ۾ ڇپجي نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچيءَ جي پليٽ تان پهتل هن شعري مجموعي- جنهن جو مهاڳ سنڌ جي انتهائي سهڻي رائٽر نظم جي سگهاري شاعر پياري حبيب ساجد جي قلم مان ڦٽي نڪتو آهي ۽ جنهن ۾ امر جا تقريبن 96 غزل 116 پيجن تي مشتمل آهن. اهو سون ورنو ڪتاب شروعاتي ڏينهن جي پهرين ڪوشش جي ڪري ڪجھه ڪوتاهين جي ور بہ چڙهيو آهي تہ ڪٿي وري پروفن جون چڪون ۽ ڪٿي وري وزن جي حوالي سان معمولي هيٺ مٿانهيون بہ نوٽ ٿيون آھن پر چيم نہ تہ غلطيون ۽ خطائون درگذر ٿي وڃن ٿيون، جڏهن امر جي شاعراڻي لهجي سان ملي ان کي غور سان پڙهجي ٿو تہ هو اهڙي اعتراف کان پاڻ بہ انڪار نہ ٿو ڪري تہ:

 امر اقبال جون ڳالهيون،

 ڇڏيو بد حال جون ڳالهيون.

 اهو رولاڪُ ماڻهو آ…..

 انهيءَ ۾ ڇا رکيو آهي..

انهيءَ رولاڪ ماڻهوءَ جو شاعراڻو لهجو ۽ اسلوب جو پنهنجو اسٽائيل ٻوليءَ تي گرفت ۽ خيالن جي کوٽائيءَ کان نڪتل سونَ ورنين سٽن کي جيئن جو تيئن مان اوهان سنگتين جي ٽيبل تي رکڻ چاهيان ٿو.. سندس خيالن جي خوشبوءِ هيئن بہ من کي معطر ڪيو آهي…

مان نہ بڻجي تون سگهيس، بس مان رهيس،

ڪا ڪمي هُئي چاھَ  ۾   رهجي  وئي…..

هن جا ڇاڻيل خواب ۽ پوکيل پيار جون وليون جڏهن روح جي ريگستان تي نسريون آهن، تڏهن محسوس ٿيو آهي تہ امر انهن کي لفظن جو لباس هيئن اوڍايو آهي….

اسان جا نيڻ ٿي ڌوڻي،

اسان جا خواب ڇاڻِي ٿي.

اسان وٽ زندگي ٻيهر،

سرءُ جي مند آڻي ٿي……

مٽيءَ جو مول ڇاهي ٿيندو، ۽ شاعراڻو معجزو ڇاهي ٿيندو. عشق جي نزول جو احساسُ ڪيئن جيءُ جهوري اندر لهندو آهي، ۽ چنڊ  تي چڙهي چڳن سان چانڊوڪي ڪيئن چوڙبي آهي، بدن جي باھ ڇاهي ٿيندي ۽ روح جي ريشمي ڌاڳن کي قرب سان ڪيئن ڪَتبو آهي، سونَ جهڙيون سٽون پني جي پاند ۾ ويڙهي ڪيئن ڀرت جيان ڀربيون آهن. اهڙو فن امر کي اچي ٿو….. تڏهن ئي تہ دل جي سادگيءَ سان اظهاريو اٿائين تہ،

دل جي ڪيڏي سادگي اسان پني جي پاند تي،

سون جهڙيون ڪي سٽون، ڀرت جيئن ڀري ڇڏيون.

امر پنهنجي محبوبا کي نجوميءَ کان کڻايل لفافي جي فوٽو گرافي هيئن ٿو ڪري.

 ويهاري نجوميءَ جي سامهون مونکي،

چَتونءَ کان لفافو کڻائي    ڏٺئي.

شاعرَ محبوبنِ جي چيچَ پڪڙي آسانيءَ سان اوکي پُلصراط بہ اُڪاري ڏيکاريندا آهن، عشق جي واسينگ هٿان ڪکجي بہ ڪجھه ناهن ڪڇندا. لفظن جي ملائم مرڪ سان پهڻ پاڻي ڪري رکندا آهن. پکين سان رهاڻيون رچائيندا آهن، خواب جي دنيا جا اڪيلا وارث اهي شاعر جڏهن سڄي رات سونهن سان سفر ڪري اکيون مهٽي جڏهن اٿندا آهن تہ اهو معجزو ڪري پنهنجي گهر مان ئي ستل ملندا آهن. اهڙن ئي احساسن کي اسان جي امر اقبال ڪجھه هيئن فوڪس ڪيو آهي…..

سڄي رات توسان سفر ۾ هياسي،

کُلي اک تہ پنهنجي ئي گهرَ ۾ هياسي.

اسان ڪالهه ڳلين ۾ ڪيڏو رلياسي،

اسان ڪالهه تنهنجي شهر ۾ هياسي….

وري ساڳي دانهن ڏيندي ٻي غزل جي مطلع کي هيئن ويڙهي رکيو اٿائين…..

ها اوهان جي شهر جون الجهنديون آهن ڳليون

ها اوهان جو شهر ڀي آ، ريشمي ڪنهن ڄارَ جيان.

امرَ  عشق جي گهاٽ جو پاڻي پيتو آهي. صدين جي اڃ مان بہ لنگهيو آهي تہ زمين داز ٿي ڀوڳنائن جو سفر بہ ڪيو اٿائين. چپن جي بدن تي محبوب جي چمين جا عڪس بہ چٽيا اٿائين تہ روح جي رولاڪ گهوڙي تي چڙهي اڻ کٽ مسافت جون منزلون بہ جهاڳيون اٿائين، هن حياتيءَ کي  هر حوالي سان گهاري هي پوسٽ مارٽم بہ ڪيو آهي…..

 هوا جيان بادلن جيان،

 يا پرين! خانہ بدوشن جيان……

حياتي گهارڻي ئي هُئي،

مڙئي بس گهارجي ويئي.

خطن جي خوشبوءِ جو ڏس هيئن ڏنو اٿائين….

خط جو کوليم، اکر اوهان جا هئا، ليڪن،

 ڪنهن  ٻئي  جي  لفظن  ليئا  پئي پاتا……

ھڪ سهڻي سٽ هيئن سرجي ويو آهي….

 اکيون  يارَ! تنهنجيون  سڏينديون رهيون،

 نيون ڪوڙڪيون ڪي، اڏينديون رهيون.

ڳنڍ ۾ پيل ڳالهيون کولڻ جو انداز بہ ڪو امر کان سِکي، ڇيڻيون کڻي هٿوڙا هڻي هي شاهڪار جوڙيا اٿائين…….

ڊگهي ڊوڙ جيون، ٿڪا هون پرين! 

اُهو تاءُ ڪاٿي، جهڪا هون پرين!

 هينئين جي نہ هٽَ تي هَليا سي اسان،

 اسان ڄڻ تہ کوٽا سڪا هون پرين!

امر اقبال جي اندر جو رازو بہ ڪمال جي ڪرت ڪري ڄاڻي ٿو، جيڪو ڪچين سرن مان پڪو مڪان ٺاهي وٺي ٿو، سندس خيال توڙي جو اقبال جيان اڌورا رهجي وڃن ٿا ۽ اندر جا هڙئي احوال بہ ڄڻ تہ اڌورا  پر پوءِ بہ هي پيار جي بنياد جون بي ترتيب سرون سورڻ ڄاڻي ٿو. اهڙي قسم جي لفظن واري ڪيليگرافي ڪجھ هيئن ڪئي اٿائين…..

ڪو خيال اڌورو رهجي ويو

 “اقبال” اڌورو   رهجي  ويو

 ڪو کڙڪو ٿيو ۽  فون رکيئي،

  احوال اڌورو  رهجي  ويو…..

سو امر اقبال جي هن قلمي پورهئي کي جنهن ۾ هن پنهنجي روح جا سمورا جوان رنگ اوتي رکيا آهن ۽ پنهنجي پهرين علمي پورهئي کي جنهن پيار سان ادب جي افق تي آندو آهي، اهو تہ اندازو پڙهندڙ پڙهڻ کان پوءِ ئي ڪري سگهن ٿا مون امر جي ڪتاب مان چند شعر اوهان کي پڙهايا آهن، پوري ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ جو مزو تہ وري ٻيو آهي.