بينا مسرور جي ننڊ ۾ اٽڪيل خواب ساڀيا ماڻي آهي، سندس روح ۾ ولين ڦٽي گونچ ڪڍيا آهن. هونئن بہ خواب جڏهن نيڻن ۾ ندي ٿي وهن تہ ساڀيا جي پهرين چُمي پيار کي معراج جيان لڳندي آهي. شاعرہ وٽ اندر ۾ جيڪي حسناڪيون قيد هونديون آهن، سي آڱرين جي آبشار مان وهڻ لاءِ وسيلا ڳولينديون آهن ۽ پوءِ جڏهن انهن کي روح مان وهڻ جو رستو ملندو آهي تہ بارش جي ڦڙن جيان اوڙڪون ڪري دل جي پڌر کي سيراب ڪري وينديون آهن.بينا مسرور سنڌ واسين لاءِ ڪو نئون نالو ڪونهي. هن جي صلاحيتن کي اسڪرين تان اڌ دنيا ڏسي هن کي مڃتا سان نوازيو آهي. بينا لاءِ اها شهرت ڪافي آهي پر من اندر جي لوچَ ڪيڏانھن وڃي. جيڪا اندر جي طويل خاموشيءَ کي مرڪن جي سُرٻاٽ سان ڪا سرگوشي ڪري اتساهيندي چوندي آهي تہ تو ۾ آرٽ سان گڏ لکڻ جو ڏانءُ به آهي…
سو بينا کي اُن اتساھ اٿاري لفظن جي روپ ۾ پني جي پيٽ تي ڪي اکر اوتڻ جي سگھ بخشي تہ هن اهي لفظ فلائنگ ڪس جي صورت ۾ اسان ڏي هڪ مجموعي جي صورت “تون ئي منهنجو محور آن” جي انداز ۾ اماڻيا آهن. لفظن جي ترورن ۾ غائب ٿي بينا پنهنجا خيالَ کڻي آئي ۽ اچي پنهنجي ئي نظم جيان “هِل پارڪ واري ساڳي بينچ” تي ويٺي.سُڃاڻپ ملڻ کان پوءِ رُڳي شهرت بہ ڇسي لڳندي آهي. پر بينا پنهنجي شهرت کي اسٽاپ نہ ڏنو ۽ قلم قبيلي وارن لاءِ قلم جي دنيا سان پنهنجو هڪ ٻيو تعارف کڻي آئي. توڙي جو شاعريءَ وارو شعبو فنڪاريءَ واري ڪوشش کان گهڻو جوکم وارو آهي. تڏهن بہ هن همت کان ڪم وٺندي سادو، سُهڻو ۽ مختصر ئي سهي، پر مجموعو اسان کي ارپي صاحبِ ڪتاب هجڻ جو اعزاز ماڻي ورتو.هڪ ئي نشست ۾ ڪتابُ پڙهي پورو ڪيم، ڪا وٿي نہ وڌم… ڀاءُ مرتضيٰ لغاري جي “پبلشر نوٽ” کان وٺي سانئڻ بينا مسرور جي “پنهنجي پاران” واري نثر ۾ لکيل سٽن کان ويندي سائين بيدل مسرور جي مهاڳَ تائين بينا جو هڪ نئون تعارف اکين جي اسڪرين تي جهمريون پائڻ لڳو.
اندرِ سندس سٻاجهڙي شاعري پنهنجي پهرئين پيارَ جي اپٽار کان وٺي ڌرتيءَ جي درد تائين ڳوڙهو ڳوڙهو ٿي ڪَيل ڳالهيون مونسان بي حجاب ٿي ڳالهائڻ لڳيون ۽ مان بہ،
بي ساختگيءَ سان لفظن جي چيچ ۾ هٿ وجهيو پني جي آخري سرحد تائين وڃي پڳس…. وچ ۾ جيڪي احساس اوتيل هئا، وک وک تن سان گڏ سگريٽ جيان دکندو ويس…
بيدل سائين لکي ٿو، “بينا بزدل ناهي”. مهاڳ ۾ لکيل اها ڳجهارت بينا جي نظم ئي ڀڃي وڌي، جنهن شاعراڻي لهجي ۾ چيو تہ،
“زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيان
ڪيئن ٽوڙيان؟
اهو بهانو
سچي ڳالھ ڪيان!
” مان بزدل آهيان”…..
بينا جو شاعراڻو انداز دل لڀائيندڙ آهي. سندس ڪتاب ۾ نظمن جو انگ جهجهو آهي، جڏهن تہ بحر وزن جي زنجيرن کان آزاد بينا جا ڪجھ اسم وزن جي گهڻو ويجهو بہ آهن. جيئن:
خيما کوڙي ڇڏيا.
رستا موڙي ڇڏيا.
رشتا ٽوڙي ڇڏيا.
وارَ ڇوڙي ڇڏيا.
مَٿيون سٽون فاعلن فاعلن جو نادر نمونو آهن..
بينا شڪارپوري لهجي ۽ هتان جي شين کي بہ ٽربيوٽ ڏيندي ڪيڏو نہ خوبصورت خيال وقت جي گلدان ۾ پيوند ڪيو آهي.
“موالي, سُلفي
شڪارپوري قُلفي
لڳين ٿو تون
ڪڏهن، ڪڏهن”
جن شڪارپور کي پنهنجو سمجهيو آهي يا هڪ دفعو به هن عظيم سرزمين تي پيرَ ڌريا آهن، سو ديوان واري قلفي ۽ فالودي واري سواگت کي ڪيئن وساري سگهيو هوندو.
شڪارپور جنهن جي سڃاڻپ ڪارڊ شيخ اياز آهي، تنهن شهر کي ڪير نہ سڃاڻي. جنهن شهر جي شاعر لکيو هو تہ،
جت لڪ لڳي، جت اڪ تپن،
سو ديس مسافر منهنجو ڙي!
ان لهجي ۾ بينا جو نظم:
جت ٽڪو ڏئي پٽ ٻئي جو کارجي
جت روز ناري ڪاري ڪري مارجي
جت اخبار پڙهي پنهنجي دل ڳارجي
سو ديس، سو ديس سنڌين جو اَلا!
مون هڪ غزل لکيو هو…
سرخي جيئن ئي چپ تي آئي
شام سنڌوءَ جي ڪپ تي آئي…….(س. م)
انهيءَ غزل ۾ هڪ قافيو کنيو هو ڌپ تي آئي
ان قافيي تي دوستن سخت تنقيد ڪئي تہ ڌپ شاعراڻو اظهار ئي ناهي..
ساڳيو قافيو جڏهن بينا جو پڙهيم تہ دنگ رهجي ويس، اصل ۾ هن جنهن انداز ۾ ڌپ لفظ جو اظهار ڪيو آهي اهو ڪمال آهي
دريا جي ڪپ تي
چانورن جي لپ تي
سگريٽ جو چپ تي
پير پيو گپ تي
سنڌوءَ جي چپ تي
مڇيءَ جي ڌپ تي….
سڀني قافين ۾ سهڻو اظهار آهي
176صفحن تي آڌاريل بينا مسرور جي هن مجموعي جو خوبصورت ٽائيٽل ۽ سهڻي لي آئوٽ کي ڏسي جتي دل گارڊن گارڊن ٿئي ٿي، اتي ڪتاب ۾ موجود ڪيتريون ئي پروف جون چڪون ڏسي ۽ هٿ سان ٺاهيل غلطيون پسي ائين ٿو لڳي تہ ڄڻ سهڻي چولي تي چتي لڳل هجي.
“لهجي کا وڌيڪ ڪوڙي آهي
او مٺڙي!
تنهنجي هٿن جي چانھ”
بينا کان ڄڻ تہ هي خيال بہ پروف چڪ ٿي ويو آهي.
منهنجي خيال ۾ مٺڙي جي هٿن جو زهر بہ مٺو لڳندو آهي. ان جو لهجو ئي زهر کان ڪڙو هجي ٿو… منهنجي خيال ۾ اهو خيال هيئن هجڻ کپندو هو:
تنهنجي هٿن جي چانهن
تنهنجي لهجي کان وڌيڪ
ڪوڙي ناهي مٺڙي!….
مجموعي طور بينا جي شاعري ڌيان ڇڪائي ٿي ۽ پڙهندڙ کي ڪٿي بہ بور نہ ٿي ڪري. هن وٽ جيڪي معصوم ۽ نازڪ احساس آهن، ان کي پوپٽ جي پرن جيان ڇهجي ٿو تہ خيالن جا رنگ پنهنجي ذهن جي آڱرين تي محسوس ڪري سگھجن ٿا. مونکي تہ سندس خيال جي ترڪش مان نڪتل هي تير صفا ڇرڪائي چمائو ٿي ويو، جيڪو هن هائيڪي جي صورت ۾ پوکيو آهي ….
ڳايان پئي مورو…
ڀينڊ هڻي ٻير ۾،
ڀَڄي ويو ڇورو…