| ادب ميلو 22 نومبر تي ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو اعلان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ادب ميلي جي باني ڊاڪٽر امينه سيد ڏھين ادبي ميلي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڇنڇر 22 نومبر ۽ آچر 23 نومبر تي ڪراچي جي شاهراهه فيصل/ٽيپو سلطان روڊ تي ٿيندو. ڪالهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن ڀيري به فڪر ۽ دانش جي شخصيتن جو گڏيل سنگم ٿيندو، مختلف دانشور اهم موضوعن تي مڪالمن ۾ حصو وٺندا، موجوده بيانيي جو جائزو وٺندا ۽ متبادل خيال سامهون آڻيندا.” امينه سيد چيو اردو، انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ نمايان ادبي خدمتن جي اعتراف طور ادب فيسٽيول/انفاق فائونڊيشن ايوارڊز جو اعلان به ڪيو ويندو.