تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ادب ڇا کي چئبو آھي؟ … سنڌيڪار: طفيل مگسي

اڪثر ڪري هي سوال ڪيو وڃي ٿو ته ادب ڇا آھي ۽ ادب جي وصف يا وضاحت ڪهڙي آھي؟ادب جنهن جي وضاحت هڪ جملي ۾ سولائي سان نٿي ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته ڪو چوي ٿو ته ادب زندگي جي ترجماني ڪري ٿو؟ ڪو چوي ٿو ته رڳو ترجماني نه بلڪ تنقيد ۽ تعمير پڻ ادب ئي ڪري ٿو پر جيڪڏھن سراسري جائزو ورتو وڃي ته ادب اهڙي لکت کي چئبو آھي جنهن ۾ عام بيڪار خيالن کان سٺن خيالن ۽ روزمره جي زبان کان بهتر زبان جو اظهار هوندو آھي، ادب انساني تجربن جو نچوڙ پيش ڪري ٿو، انسان دنيا ۾ جيڪو ڏسي وائسي ٿو سو ئي تجربو ادب طور لکي ٿو ۽ اھڙي طرح اديب زندگي جي سمورن مسئلن تي نظر رکي ٿو ۽ ادب وڌي ويجهي ٿو پراڻي زماني ۾ ماڻھو لکڻ نه ڄاڻندا هئا تنهن ڪري اهي پنهنجي مڙسي جا بيان ۽ ليکا زباني ٻڌائيندا هئا. جنن ۽ ڀوتن جا داستان محبت جو اظھار ڪرڻ لاءِ جيڪا ٻولي ڪم آڻيندا هئا روزاني جي ٻولي کان مختلف هوندي هئي، اها ٻولي جڏھن ڳائبي هئي ته ان جو اثر ٻڌندڙن تي وڌيڪ ٿيندو هو…تڏھن کان ئي ادب جا ٻه قسم پيدا ٿيا هڪ نثر ۽ ٻيو نظم. ادب جي انهن ٻنهي صورتن تي غور ڪرڻ کان پهرين جڏھن اسين ادب جي فني حيثيت کي سمجهنداسين.تڏھن ئي نثر ۽ نظم کي سمجهڻ سولو ٿيندو.
اڳوڻي زماني ۾ ماڻھو جڏھن ڪنهن خاص مامري تي ڳالھه ٻولهھ ڪندا هئا ته اها ٻولي ته جذباتي ٿي ويندي هئي پر ان جو اثر گهڻو جٽادار نه هوندو هو ان ڪري جو زباني بيان ۾ سوچ سمجھه جي گهڻائي هوندي هئي، يعني سوچ سمجهھ کانسواءِ ڳالھائڻ زباني بيان جي ابتڙ جڏھن ڪجهھ لکجي ٿو ته لکڻ واري جو مغز لکڻ وقت هڪ هنڌ ٽڪيل رهي ٿو ۽ چڱي طرح سوچي ٿو ته ڳالهھ لکڻ انسان جو ذھن ڳالهائڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ يڪسانيت سان ڪم ڪري ٿو ۽ ذھني تجربن مان گذرڻو پوي ٿو. اديب ڪنهن مادي شي ترار يا بندوق جو سهارو نٿو وٺي هو لفظن جي رستي پنهنجي خيالن جو اظھار سٺي نموني ڪري سگهي ٿو. ان ڪري لفظ جذبن جو اهڃاڻن جو ڪم ڏين ٿا ۽ خاص معني رکن ٿا. ليکڪ لاءِ ضروري آھي ته لفظن تي ڪنٽرول رکندو هجي لفظ سندس مغز جي پردي تي قطارن ۾ ادب سان هڪيا تڪيا بيٺل هجن کيس جيڪو لفظ وڻي سو کڻي. هر ٻولي ۾ لفظن جا خزانا هوندا آھن جن جي مدد سان ماڻھو گهر کان ڪم وٺي ٿو ۽ ڪم کان بازار تائين سڀئي ڪم سولائي سان ڪري ٿو. جيئن جيئن ٻولي ترقي ڪندي آھي تيئن تيئن ادب سگهارو ٿيندو آھي.ٻولي ۽ ادب ٻئي هڪ ٻئي کي اڳتي وڌائين ٿا.ادب جي وڏي خوبي هي آھي ته وقت جي ويچارن کي سٺن سهڻن لفظن ۾ ترتيب سان محفوظ ڪري ٿو. فرانسيسي ٻولي ۾ ادب لاءِ جيڪو لفظ استعمال ٿيندو آھي، جنهن جي معني آھي“حسين لکڻيون“ ادب وقت جي سچي روح کي محفوظ ڪري ٿو ۽ ان ۾ سماجي، سياسي ۽ معاشي عڪس نظر ايندا آھن، ائين کڻي چئجي ته زندگي پنهنجي بيشمار خامين سان گڏ ادب ۾ پسي پروڙي سگهجي ٿي، انساني زندگي جي ڇڪتاڻ انسان کي مجبور ڪري ٿي ته هو دلچسپي وٺي ۽ ان جو اظھار ادب جي اصولن رستي ڪري؛ هينئن کڻي چئجي ته ادب ۾ ذھين ترين دماغن جون وڻندڙ ڳالهيون ۽ فضاحت نظر ايندي آھي.اديبن جي ڏاھپ ڪتابن رستي وقت جون روڪون ٽوڪون ٽوڙي اسان تائين پهچندي رهي ٿي ۽ اديبن جو فڪري عمل سونهن جي تخيل جو سبب بجندو رهي ٿو.
ادب جو زندگي سان ڪهڙو ڳانڍاپو آھي؟
ميٿيو آرنلڊ شاعري کي زنفگي جي تنقيد ڪوٺيو آھي.ادب ڪهڙي به قوم هجي ادب مرد هجي يا عورت پر ان ۾ انساني احساس، خيالن ۽ جذبن جو پاڇولو ڏسڻ ۾ ايندو، قدرتي نظارن جي سيني ۾ انساني دل جي ڌڪ ڌڪ ٻڌڻ ۾ ايندي آھي.انسان جنهن ماحول ۾ رهندو آھي ۽ جنهن سماج سان سندس ڳانڍاپو هوندو آھي، اهوئي ماحول ۽ سماج اديب ۾ پڻ نظر ايندو آھي. جيڪڏھن ادب ۾ ديوين ۽ پرين جو ذڪر هوندو تڏھن به ان ۾ انساني خصلتون نظر اينديون. ديوتائن جي ڪاوڙ ۾ به انساني هشمت ۽ جادوگرياڻي ڏائڻين جي منهن تي به انساني سونهن پسي آھي.مطلب ته مافوق الفطرت ۾ به فطرت جو ڏيک هوندو آھي.ادب زندگي جي تنقيد آھي ۽ تنقيد جو مطلب تعمير آھي.تعمير لاءِ مستقبل جا ميلاپ ۽ ان جي تصور جي ضرورت آھي.جنهن جو ٻيو نامو تخيل آھي. تخيل جي مدد سان اديب پنهنجا تصور پيش ڪندو آھي ۽ آئيندي جي امڪانن تي روشني وجهندو آھي.ڪجهھ ماڻھو چون ٿا ته اديب خواب ڏسندو آھي پر انهن خوابن ۾ به زندگي جي چاشني هوندي آھي. پروفيسر مجنون گورکپوري جي خيال ۽ چوڻ موجب ڪامياب ترين ادب اهو آھي جنهن ۾ ماحول جي عڪاسي ۽ مستقبل جو اشارو هجي.جنهن ۾ واقعا.تخيل.فائدا ۽ جمال هڪ سرا ٿي ظاھر ٿين.جنهن ۾ اجتماعيت ۽ انفراديت گڏجي هڪ مزاج ٿي وڃن ۽ اسان جي ذوق حسن ۽ ذوق عمل کي ملائي سکيو ڪن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *