اديب ۽ دانشور سوشل ميڊيا تي ڄنڊا پٽ ڇڏي مثبت ڪم ڪن: سردار شاهه

جُولاءِ 26, 2023

ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) سنڌ جي ثقافت ۽ تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جا اديب ۽ دانشور فيس بڪ تي هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ڇڏي جيڪڏهن مثبت رويو رکن ته اسانکي ڪارونجهر کي عالمي ورثو ڏيارڻ ۾ مدد ملندي

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ڪارونجهر جي حوالي سان نه ڪا ڊاڪيومينٽري آهي ۽ نه ئي ڪو تحقيق سميت مواد آهي، صرف 2-3 ڪتاب آهن، هن وقت ننگرپارڪر مان هڪڙو دليپ پرمار فوٽو ڪڍي ٿو ۽ ٻيو ڀارومل امراڻي لوڪ ادب تي ڪم ڪري پيو، باقي اديب ۽ محقق ڪم نٿا ڪن

هن چيو ته ڪارونجهر سان مون سميت سمورن سنڌ جي ماڻهن جو جذباتي ۽ محبت ڀريو تعلق آهي، انهي ڪري جيڪو معدنيات کاتي اشتهار ڏنو هو، اسانجي قيادت اهو رد ڪرايو پر حقيقت ۾ انهي اشتهار ۾ ڪارونجهر جبل شامل ئي نه هو

هي به پڙهندا

سردار شاهه چيو ته ڪارونجهر تي مون پاڻ شاعري به ڪئي آهي اسان 2 سال اڳ ۾ به ٿر فيسٽيول ڪرايو هو ۽ هن ڀيري به فيسٽيول ڪرايون پيا، 5 آگسٽ تي ننگرپارڪر ۾ فيسٽيول ڪرائينداسين، جتي افتتاحي سيشن ۾ ننگرپارڪر، ڪارونجهر ۽ ٿرپارڪر تي سيمينار ٿيندو،

هن چيو ته مختلف ملڪن جي قونصليٽس کي ڊوپلوميٽس کي وٺي وينداسين ته جيئن ڪارونجهر کي عالمي ورثو قرار ڏيڻ ۾ مدد ملي

 صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ته ثقافت کاتي 2017 ۾ ڪارونجهر کي عالمي ورثو قرار ڏيارڻ لاءِ يونيسڪو کي درخواست ڪئي آهي جنهن تي سنڌ جا با شعور ماڻهو يونسيڪو کي خط لکن ته انهي سان اسان جي درخواست ۾ مدد ٿي ويندي

هن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته يونسيڪو مختلف ملڪن جي شهرن کي عالمي ورثو قرار ڏنو آهي ايئن گوڙي جي مندر کان وٺي ڪاسٻي تائين سموريون سائيٽس عالمي ورثو ڊڪليئر ٿين، پر اسان وٽ ڪو ماڻهو انهي طرف ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، فيس بڪ آواز اٿارڻ جو سٺو ذريعو آهي انهي تي هڪٻئي جي ڄنڊا پٽ بدران انهن تي مثبت ڪم ڪيو وڃي

 هن چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته سردار شاهه ننگرپارڪر مان اليڪشن وڙهڻ ٿو چاهي آئون گذريل 10 سالن کان پنهنجي تڪ مان چونڊجندو رهيو آهي مونکي ڪهڙي ضرورت آهي جو ننگرپارڪر وڃان؟ ۽ ٻيو ته ماڻهو ووٽ انهن ميلن لڳائڻ سان ڏيندا ڇا؟

سردار شاهه وڌيڪ چيو ته  سنڌ جا دانشور سٺو ڪم ڪن انهن جو ڪم ڇپائينداسين، ٿرفيسٽيول ۾ ڀارومل امراڻي جي ڪتاب جو مهورت ٿيندو

Leave A Comment