ارادا اٽل، لڙڪن کي شڪست، نئين زندگي شروع: 77 سالن جي جلاوطني ختم، لکين فلسطينين جي واپسي

جنوري 28, 2025

غزه/ واشنگٽن (م ڊ) 1948ع ۾ اسرائيل ٺاهڻ لاءِ وڏي پيماني تي بيدخل فلسطينين جي 77 سالن کانپوءِ  واپسي شروع ٿي وئي، هي هڪ فلسطيني تاريخ ۾ اهم سنگ ميل آهي. عرب ميڊيا موجب “نڪبه” کانپوءِ پهرين ڀيرو ائين ٿيو آهي ته بيدخل فلسطيني پهريون ڀيرو واپس ٿي رهيا آهن. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب 15 مهينن واري جنگ ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ غزه ۾ تقريبن 19 لک ماڻهو پنهنجي گهرن مان بيدخل ٿيا جيڪا غزه جي 90 سيڪڙو آبادي هئي. انهن مان 6 لک کان وڌيڪ ماڻهن جو تعلق اتر غزه سان آهي جيڪي پنهنجي علائقن ڏانهن واپس ويندا. هوڏانهن غزه ۾ جنگبندي معاهدي تحت اسرائيلي فوج نتزارم راهداري تان پوئتي هٽي وئي آهي جنهن کانپوءِ جبري بي دخل ڪيل لکين فلسطيني اتر غزه واپس وڃي رهيا آهن. ان حوالي سان اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته اتر غزه ويندڙ نتزارم روڊ کي کوليو ويو آهي، فلسطينين کي پيادل اتر غزه ۾ پنهنجي گهرن ڏانهن وڃڻ جي اجازت آهي، جڏهن ته گاڏين جي تلاشي کانپوءِ صلاح الدين شاهراهه وٽان اتر طرف وڃڻ جي اجازت هوندي. جنگبندي معاهدي تحت بي گهر فلسطينين جي اتر غزه واپسي جو عمل ڇنڇر کان شروع ٿيڻو هو پر ان کان اڳ اسرائيلي فوج لکين فلسطينين کي اتر غزه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو هو. هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تڪراري بيانن سان جنگبندي داءَ تي لڳي وئي، صدارتي آفيس سنڀالڻ کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ کان امن معاهدي بابت سوال پڇيو ويو جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ڪا خبر ناهي ته معاهدو ڪيتري عرصي تائين قائم رهندو. هي اسان جي جنگ ناهي انهن جي جنگ آهي.

Leave A Comment