| ارباب احسان کان طلاق وٺندڙ رضيه ارباب اڄ ٻي شادي ڪندي |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جو سوشل ميڊيا تي سالن تائين هلندڙ ھاءِ پروفائل ڪيس آخرڪار پنهنجي انجام تي پهچي ويو۔اڳوڻي وزيرِاعليٰ سنڌ ارباب غلام رحيم جي ڀائٽي ارباب احسان ۽ رضيه ارباب وچ ۾ هلندڙ تڪرار سوشل ميڊيا کان شروع ٿي عدالت تائين پهتو هو۔ رضيه ارباب پاران ارباب احسان جي چئن ٻارن جي ڪفالت لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي۔عدالتي ڪارروائي دوران پيش نه ٿيڻ تي عدالت ارباب احسان جا وارنٽ جاري ڪيا ۽ نادرا کي خط لکي سندن قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔ بعد ۾ ارباب احسان عدالت ۾ پيش ٿي ٻارن جي ڪفالت لاءِ مقرر ڪيل 20 لک روپين مان لڳ ڀڳ پوڻا ٽي لک رپيا ادا ڪيا۔ان کان اڳ ارباب احسان رضيه ارباب کي طلاق ڏئي چڪو هو۔ طلاق کان پوءِ رضيه ارباب کي مختلف خاندانن طرفان شادي جون آڇون مليون، پر هن ڪو به فيصلو نه ڪيو۔تازين اڳڀرائين ۾ رضيه ارباب ميڊيا سان ڳالهائيندي اعلان ڪيو آهي ته سندس نڪاح اڳوڻي صوبائي وزير غلام رسول انڙ سان 18 فيبروري تي طئي ٿيو آهي۔ان اعلان کان پوءِ لڳ ڀڳ ڏهن سالن کان سوشل ميڊيا تي هلندڙ هي هاءِ پروفائل ڪيس پنهنجي انجام تي پهچي ويو آهي.