پشاور(پنهنجي ڊيسڪ) پشاور مان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن ارباب عالمگير ۽ سندس گهر واري عاصمه عالمگير پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي
عاصمه عالمگير پ پ جي مرڪزي ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي سندس چوڻ آهي ته پارٽي قيادت جي پاليسين تي خدشا آهن
هن چيو ته پارٽيءَ جي غلط پاليسين سبب اڄ خيبر پختونخواهه ۾ پيپلزپارٽي ڇهين نمبر تي اچي وئي آهي، ڪنهن به ٻي جماعت ۾ اڃا شامل نه ٿيا آهيون، ان حوالي سان مشاورت جاري آهي