ارباب لطف ۽ مهيش ملاڻي حامين ۾ ڇڪتاڻ، گهرن تي فائرنگ، 13 زخمي، ريلي، ڌرڻو

ارباب لطف ۽ مهيش ملاڻي حامين ۾ ڇڪتاڻ، گهرن تي فائرنگ، 13 زخمي، ريلي، ڌرڻو

مٺي (رپورٽر) مٺي ڀرسان ڳوٺ گوڌيار سومرا ۾ ايم پي اي ارباب لطف الله ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو۔ ارباب لطف الله حامين جي گهرن تي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ شاگردن سميت 13 ڳوٺاڻان زخمي ٿي پيا۔  متاثر ڌر صبح 10 وڳي کان ڪشمير چوڪ تي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هڻڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿيڻ ڪري وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڦانگاريو اسٽاپ ڀرسان ٿر ڪول باء پاس روڊ بند ڪري ڇڏيو۔ جنهن ڪري ٿر ڪول سميت ضلعي جي مک رستي جون سوين گاڏيون بيهجي ويون۔ ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته گذريل ڏينهن مٺي جي عدالت ۾ جهيڙي ڪيس جي 4 ارباب لطف الله جي حامي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ کانپوء ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي جي پي اي سراج سومرو جي اڳواڻي خانگي ماڻهن جوابدارن مٿان تشدد ڪري پڪڙڻ بعد پوليس حوالي ڪرڻ کانپوء ڌرين ۾ وڏي ڇڪتاڻ واري صورتحال پئدا ٿي هئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڏينهن ڌرين وچ۾ ڳوٺ گوڌيار ۾ ٻيهر جهيڙو ٿي پيو۔ جهيڙي دوران فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو جيڪو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهيو۔ فائرنگ جي نتيجي ۾ ارباب لطف الله حامي ڌر جي عورتن۔ شاگردن سميت 13 هڪئي خاندان جا ڀاتي زخمي ٿي پيا۔ جن کي مٺي سول سول اسپتال آندو ويو جنهن مان 4زخمين جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو انهن زخمين ۾ عذير سومرو۔ وسيم سومرو۔ ڪرم علي سومرو ۽محمد خان سومرو شامل آهن جڏهن ته باقي 8 زخمين کي مٺي سول اسپتال ۾ علاج هيٺ رکيو ويو آهي۔ هوڏانهن  فائرنگ ۽ ڳوٺاڻن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو ايم اين اي مهيش ملاڻي جي پي اي سراج سومرو ۽ ٻين مٿان داخل نه ڪرڻ خلاف متاثر ڌر ڪيترائي ڪلاڪ ڪشمير چوڪ تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي ڇڏيو جيڪو ڌرڻو جاري هو ته ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي متاثرن وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ۽ ڳوٺاڻن کي ٿاڻي تي وڃي ڪيس داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ڳوٺاڻن جو وفد ٿاڻي تي ويو ته ايس ايڇ او کين ڪيس داخل ڪرڻ اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته مون بالا آفيسرن کان جيستائين حڪم نه ملندو تيستائين ڪيس داخل نٿو ڪري سگهان۔ پوليس جي اهڙي جواب بعد متاثرن ڪشمير چوڪ تي لڳل ڌرڻي واري هنڌ کان 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڦانگاريو اسٽاپ وٽ ٿر ڪول باء پاس روڊ تي ٻيهر ڌرڻو هڻي مک روڊ بند ڪري ڇڏيو۔  جنهن ڪري سوين گاڏيون بيهجي ويون ۽ روڊ مڪمل طور بلاڪ ٿي ويو۔  جيڪو اڃان ڌرڻو جاري آهي
 

مهيش ملاڻي، سراج سومرو هٿان قتلام ۽ نسل ڪشي پيو ڪرائي: ڳوٺاڻا

مٺي:  ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن مولانا اسماعيل سومرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ايم اين اي مهيش ملاڻي جي پي اي سراج سومرو هٿياربندن سان گڏجي اسان گهرن تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اسانجون عورتون شاگرد ۽ ٻيا 13 ڀاتي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيا آهن جن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي۔  اقتدار جي طاقت سان مهيش ملاڻي سراج سومرو هٿان اسانجو قتلام ۽ نسل ڪشي ڪرائي رهيو آهي اسان پ پ پ جا ووٽر آهيون پر اسان لاء ڌرتي ٽامون بڻائي وئي آهي، انصاف نه ٿيو ته اسان احتجاجن پاڻ کي باه ڏيئي ساڙي ڇڏينداسين۔ ان جا ذميوار مهيش ملاڻي۔ سراج سومرو ۽ سندن ساٿي هوندا
 

شفاف جاچ ٿئي، الزام ثابت ٿيا ته هر ڏوهه ڀرينداسين: مهيش ملاڻي جو پي ايس
 

مٺي: الزام هيٺ آيل ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي پرسنل سيڪريٽري سراج سومرو رابطي ڪرڻ تي چيو آهي ته جهيڙي ۾ اسانجا ماڻهو به زخمي ٿيا آهن هن چيو ته آئون جهيڙي ۾ موجود نه هوس هن چيو ته پارٽي قيادت کانوٺي هر باشعور ماڻهو کي التجا ٿو ڪريان ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي فيصلو ڪيو وڃي اگر اسان ڏوهاري ثابت ٿياسين ته هر ڏوهه ڀرينداسين
 

تڪرار جي خاتمي لاءِ ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ جون ڪوششون، ڪامريڊ نند لال ڌرڻي  ۾ پهتو
 

مٺي: پ پ اڳواڻ ۽ ٿر ايڪشن فورم جي چيئرمين ڪامريڊ نندلال مالهي گوڌيار جي سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۽ جهيڙي جي خاتمي ۽ ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاء ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون, ڪامريڊ نندلال مالهي اڄ گوڌيار ۾ ٿيل جهيڙي دوران زخمي ٿيل معصوم ٻارن جي وارثن پاران ڪشمير چوڪ تي لڳل ڌرڻي ۾ پهتو, جتي هن زخمي ٿيل ٻارن جي وارثن سان همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جي خاتمي ۽ ٺاهه لاء ڳالهيون ڪيون, ان موقعي تي ڪامريڊ نندلال مالهي ڳالهائيندي چيو ته زخمي معصوم ٻارن جي وارثن سان هر حالت ۾ انصاف ڪري پوليس کي فائرنگ جو ڪيس داخل ڪرڻ گهرجي.
 

ڏاڍ مڙسي ۽ غنڊاگردي آهي، ڪيس ۾ طاقتور رڪاوٽ بڻيا ته احتجاج ۾ هوندس: ايم پي اي بلالاڻي
 

مٺي: پ پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي احتجاجي ڌرڻي ۾ ڳالهين دوران چيو ته عدالت ٻاهران جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ پوليس جو ڪم هو پر سراج سومرو ۽ سندس ماڻهن مخالف جوابدارن کي جهڙي تشدد ڪري پوليس حوالي ڪيو اهو عمل نه رڳو مذمت جوڳو آهي پر ڏاڍ مڙسي ۽ غنڊاگردي آهي۔ هن چيو ته ٻئي ڌريون پ پ پ جون ووٽر آهن انڪري قيادت ۽ ايس ايس پي سان ڳالهائي پهتو آهيان متاثرن جي مرضي موجب ڪيس داخل ٿيندو اگر ڪو طاقتور ماڻهو رڪاوٽ بڻيو ته آئون متاثرن سان گڏ احتجاج ۾ شامل ٿي ويندس۔