ڪولمبو ( اسپورٽس نيوز) 1996ع ۾ سريلنڪا کي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽرائيندڙ ارجنا رانا ٽنگا شهيد بينظير ڀٽو کي عظيم شخصيت قرار ڏئي ڇڏيو آهي
بين الصوبائي رابطن واري وزير احسان مزاري ڪولمبو ۾ سريلنڪن اسپورٽس منسٽر ۽ راندين جي ڪائونسل جي سربراهه اارجنا رانا ٽنگا سان ملاقات ڪئي
ارجنا رانا ٽنگا جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ سان محبت ڪرڻ وارو ملڪ آهي اسان ڪرڪيٽ کانسواءِ به پاڪستان سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ گهرون ٿا
هن 1996ع جي ورلڊ ڪپ جون يادگيرون اوريندي چيو ته اهي منظر اڃا به ناهن وسريا جڏهن ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ تي شهيد بينظير ڀٽو جهڙي عظيم شخصيت مون کي ٽرافي ڏني هئي پاڪستان سان منهنجون ڪيتريون ئي يادگيريون جڙيل آهن
ارجنا رنا ٽنگا احسان مزاري کان بلاول ڀٽو زرداري جي حوالي سان به ڄاڻ ورتي ۽ چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ پختو ٻڻايو ويوندو