| ارجن ٽنڊولڪر ۽ ثانيه چانڊوڪ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا |
ممبئي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر جي پٽ ۽ ثانيه چانڊوڪ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا. سچن ٽنڊولڪر جي پٽ ارجن ۽ ثانيه جي شادي ممبئي ۾ ٿي، جنهن ۾ مائٽ، دوست ۽ ٻين شرڪت ڪئي.راندين، تفريح ۽ سياسي شخصيتون پڻ هاءِ پروفائل شادي جي تقريب ۾ موجود هيون.بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئي شاهه، اڳوڻو ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه، پرساد، اجيت اگرڪر، پرگيان اوجها، محمد ڪيف، پيوش چاولا، راجيو شڪلا ۽ يوسف پٺاڻ پڻ شادي جي تقريب ۾ موجود هئا.بالي ووڊ مان، اميتاڀ بچن، زال جيا ۽ پٽ اڀيشڪ بچن، ايشوريا راءِ پڻ شادي ۾ شرڪت ڪئي، شاهه رخ خان جو خاندان، عامر خان، آشا ڀوسلي، سونو نگم پڻ تقريب ۾ موجود هئا.مڪيش امباني پنهنجي زال نيتا امباني سان گڏ شرڪت ڪئي جڏهن ته سندس پٽ آڪاش ۽ شلوڪا امباني پڻ موجود هئا.