اردو قومي ٻولي چوڻ تي ممتاز مولائي جي گٿن لفظن سان مهمان نوازي

مَي 25, 2023

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) هم سنڌ ۾ رهني والي سنڌي مهمان نواز هين ساري ڪلام سان مقبوليت ماڻيندڙ راڳي ممتاز مولائي تي سوشل ميڊيا تي شديد تنقيد ٿي رهي آهي

ممتاز مولائي هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ چيو ته آئون پاڪستاني آهيان الحمدالله پاڪستان سان پيار ڪريان ٿو ۽ اردو اسان جي قومي ٻولي آهي ان ڪري مون سوچيو ته اهڙو گانو ڳايان جيڪو سڀني کي هڪ ڪري ڇڏي

ممتاز مولائي جي اهڙي بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي تنقيد جو شڪار ٿي ويو آهي

سوشل ميڊيا تي اڪثر ماڻهو چئي رهيا آهن سنڌي ٻولي اسان جي قومي ٻولي آهي سنڌ ڌرتي جي ٻولي جي ڪري ئي ممتاز مولائي کي جيڪو مانُ ۽ مرتبو مليو شايد ان لائق نه هو

سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته اردو تنهنجي قومي ٻولي آهي پر اسان جي سنڌي ٻولي توکي عزت شهرت دولت سان گڏ بنگلا ۽ گاڏيون ڏياريون آهن پر اڄ تون ان ٻولي کان انڪار ڪري رهيو آهين

سوشل ميڊيا تي ممتاز مولائي لاءِ گٿا لفظ به استعمال ڪيا ويا

Leave A Comment