ارسا پاران سنڌ ۾ کوٽ 25 ۽ پنجاب ۾ رڳو 4 سيڪڙو ظاهر: بحران باوجود سي جي لنڪ ڪئنال به کليل

مارچ 8, 2025

سکر: ارسا پاران ملڪ  ۾ 7 مارچ تي مجموعي پاڻي کوٽ 13 سيڪڙو ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، ارسا موجب سنڌ ۾ کوٽ 25 ۽ پنجاب ۾ رڳو 4 سيڪڙو آهي، جڏهن ته  ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ پاڻي کوٽ ٻڙِي آهي. پنجاب جو انڊينٽ 44700 ۽ فراهمي 42700 ڪيوسڪ آهي. جڏهن ته سنڌ جو انڊينٽ 34000 هوندي ان کي 25 سيڪڙو جکوٽ سان رڳو 25000 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، هوڏانهن پنجاب سرڪار  تونسا بئراج وٽ کڻت 125 مان وڌائي 140 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي. تونسا جي ايلوڪيشن 3100 هوندي کڻت 8500 ڪيوسڪ ٿي وئي. چشما بئراج مان نڪرندڙ فلڊ ڪئنال چشما رائيٽ بينڪ ڪئنال( سي جي) جي ايلوڪيشن 1500 هوندي اتان کڻت 3200 ڪيوسڪ ٿي رهي آهي. ٻئي طرف آبپاشي کاتي موجب سنڌ جي  گڊو ۽ سکر بئراجن وٽ پاڻي کوٽ 33 سيڪڙو تائين پهچي وئي. اهڙي صورتحال بعد پنجند وٽان 2928 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي.

 

Leave A Comment