ارسا پاران پنجاب کي چولستان لاءِ پاڻي کڻڻ جي اجازت: سنڌ جو احتجاج: مقبول باقر وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو

جنوري 29, 2024

لاهور/ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ)ارسا پنجاب کي چولستان لاءِ پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، سنڌ  جي نگران وڏي وزير سخت احتجاج ڪندي، نگران وڏي وزير مقبول باقر نگران وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو

ارسا ڳجهي نموني پنجاب کي چولستان مان پاڻي کڻڻ لاءِ اوچتو اين او سي جاري ڪري ڇڏي جنهن بعد پنجاب چولستان مان پاڻي کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي

ٻئي طرف سنڌ ان معاملي تي خدشا ظاهر ڪندي سخت احتجاج ڪيو آهي، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر وزيراعظم کي خط پڻ لکي ڇڏيو آهي

پنهنجي خط ۾ نگران وڏي وزير چيو آهي ته اسان کي چولستان لاءِ پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏيڻ تي سخت خدشا آهن، سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڳجهي نموني ۽ اوچتو اين او سي جاري ڪيو ويو

هن چيو ته پاڻي معاهدي تحت پنجاب جو حصو اڳ ئي مقرر ٿيل آهي، سنڌ جي عوام پاران اپيل ڪيان ٿو ته چونڊيل حڪومت اچڻ تائين فيصلو ملتوي ڪيو وڃي

لاڳاپيل پوسٽون

  • آءِ ايم ايف جو ٽيڪس  ڇوٽ کان انڪار :  حڪومت 3 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو ٽينڊر واپس وٺي ڇڏيو

  • اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ورڇ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

  • ٿرڪول رٿا تي مقامي ماڻهو نظر انداز آهن: رياض چانڊيو

  • آڪاش انصاري قتل ڪيس، جوابدار بيان تان ڦري ويو