| ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر احسان لغاري مستعفي: شفقت وڌو مقرر |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر محمد احسان الحق لغاري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. وفاقي حڪومت سندس استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. جنهن جو اطلاق 6 مئي 2026 کان ٿيندو. حڪومت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب شفقت حسين وڌو کي ٽن سالن لاءِ نئون ميمبر سنڌ ارسا مقرر ڪيو ويو آهي. سندس مقرري ٽن سالن لاءِ هوندي. آبپاشي کاتي سنڌ طرفان شفقت حسين واڊو کي نامزد ڪيو ويو هو.