| ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احسان لغاري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احسان لغاري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، پنهنجي اخبار پاران رابطي ڪرڻ تي ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احسان لغاري تصديق ڪندي ٻڌايو آھي ته مون ذاتي سببن ڪري ارسا سنڌ جي ميمبر جي عهدي تان 19 نومبر واري ڏينهن لکت ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آھي، ذريعن مطابق ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احسان لغاري جي استعيفيٰ پاڻي مامرن واري وزارت کي اماڻي وئي آھي جيڪا اڃان منظور نه ٿي آھي، هوڏانهن سنڌ حڪومت ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر جي مقرري تي غور شروع ڪري ڇڏيو . ذريعن ٻڌايو آھي ته ان حوالي سان سنڌ ڪابينا جي ٽن وزيرن تي ٻڌل ڪاميٽي فيصلو ڪندي جڏهن ته ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر جي عهدي لاءِ غلام مصطفيٰ اڄڻ ۽ ٻين جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.