ڪراچي(رپورٽ: نظير ميمڻ) ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل، عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو
اينٽي ٽيررازم جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڌرين پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا جنهن بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪيو
عدالت موجب ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو فيصلو 12 سيپٽمبر تي ٻڌايو ويندو، ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ جوابدار رحيم شاهه گرفتار آهي
پوليس موجب جوابدار فيبروري 2019ع ۾ شاهه لطيف ٽائون ۾ فائرنگ ڪري ارشاد رانجھاڻي کي قتل ڪيو هو
ٻئي طرف ارشاد رانجهاڻي جي وڪيل محمد خان شيخ چيو آهي اسان ارشاد رانجهاڻي ڪيس سان پنهنجي ڪمٽمينٽ تي رب پاڪ جي ڪرم سان پورا لٿا سين
سندس چوڻ هو ته سائين اسد شاھه راشدي به آخر تائين ثابت قدمي سان نڀايو ۽ ارشاد جي وارثن پڻ تڪليفون برداشت ڪيون مگر سوديبازي نه ڪئي
محمد خان شيخ چيو ته اڄ ڪيس مڪمل ٿي ويو ۽ هاڻي 12 سيپٽمبر تي عدالت پاران فتوا ٻڌائي ويندي، جنهن طرح اسد شاھ راشدي ۽ اسان ڪيس هلايو آهي، جيتري قانوني حوالي سان محنت ڪئي آهي مڪمل طور مطمئن آهيون ته ڪو به جوابدار سزا کان بچي نه سگهندو